مواد ڏانھن هلو

بديع الجمال

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نهايت حسين شهزاديءَ جو نالو. ”سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال“ جي عشقيه قصي جو هڪ ڪردار آهي.

تاريخ

[سنواريو]

سنڌ ۾ عام روايت آهي ته سيف الملوڪ نالي هڪڙي سوداگر سامان جو ٻيڙو ڀرائي اروڙ تي اچي لنگر هنيو. ان وقت سنڌ تي دلوراءِ جي بادشاهي هئي، جيڪو ظالم بادشاهه هو. ان جو قاعدو هو ته جيڪو سوداگر اچي لنگر هڻندو هو، ان کان ڏن طور هڪ رات لاءِ سندس زال پنهنجي محل ۾ سڏائيندو هو. سيف الملوڪ جي زال بديع الجمال ڏاڍي سهڻي هئي. سيف الملوڪ کي جڏهن بادشاهي حڪم جي خبر پئي ته هن خدا کي سوال ڪيو ته دلوراءِ جي ننگري ناس ڪر. سوداگر رات وچ ۾ اروڙ وٽان ٻنڌ ڏياري، جنهنڪري درياهه پنهنجو رُخ بلائي رات وچ ۾ ٻئي هنڌان وهڻ لڳو ۽ سيف الملوڪ پنهنجو ٻيڙو ڪاهي سلامتيءَ سان نڪري ويو. سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جو قصو صوفي شاعري ۾ ڳاتو ويو آهي. هماليه جبل جي ڪڇ ۾ ’سيف الملوڪ ڍنڍ‘ کان وٺي بدين ضلعي جي ڏکڻ ۾ هڪ ماڳ تي ’سيف الملوڪ جو کوهه‘ تائين ڪجهه ماڳ انهن ڪردارن سان منسوب آهن.[1]

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]