بدرالدين اڄڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڊاڪٽر بدرالدين اُڄڻ پهرين اپريل 1947ع تي پير بخش اڄڻ جي گهر، شڪارپور ۾ جنم ورتو.

خاندان[سنواريو]

سندس خاندان سنڌ جي فقيراڻي قبيلي سان لاڳاپو رکي ٿو، جنهن وڏي عرصي کان وٺي سنڌ جي روحاني خدمت ڪئي آهي. خيرپور ضلعي ۾ اڄڻ بزرگن جون ڪيتريون درگاهون آهن، پر بدرالدين اڄڻ ۽ سندن گهراڻو پيري مريديءَ کان پري آهي. بدرالدين اڄڻ جو والد مرحوم پيربخش ڪيترو وقت ڪلارڪ ٿي رهيو. ملازمت دوران کيس ڊاڪٽر دائودپوٽي سان قربت جو موقعو مليو ۽ ان کان پوءِ هڪ استاد جي حيثيت ۾ ملازمت ڪيائين. رٽائرمينٽ کان پوءِ خانگي طور تي انگريزي پڙهائيندو هو.

تعليم[سنواريو]

بدرالدين اڄڻ پرائمري ۽ ثانوي تعليم شڪارپور ۾ ورتي. 1962ع ۾ مئٽرڪ ۽ 1967ع ۾ بي. ايس. سي پاس ڪيائين. ان کان پوءِ 1969ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. 1973ع ۾ ايل. ايل بي ۽ 1977ع ۾ ”بين الاقوامي تعلقات“ ۾ ايم. اي ڪيائين. سال 1982ع ۾ سي. ايس. ايس جو امتحان ڏنائين ۽ سال 1997ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان سنڌي ادب ۾ تنقيد نگاريءَ جي موضوع تي سنڌيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪيائين.

ملازمتون[سنواريو]

هن 1972ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان ملازمت ڪئي. 1973ع ۾ اسلاميه ڪاليج ڪراچيءَ ۾ انگريزيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. سي. ايس. ايس ڪرڻ ۽ ان جي تربيت وٺڻ کان پوءِ هيٺين مختلف عهدن تي ملازمت ڪيائين. اسسٽنٽ ڪمشنر، مورو (1986 کان مئي 1988)، اسسٽنٽ ڪمشنر روهڙي (فيبروري 1988 کان مئي 1988)، ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر1 سکر (ٻيو دفعو، نومبر 1989 کان ڊسمبر 1990)، ڊپٽي سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ڪراچي (ڊسمبر 1990)، ڪالونائيزيشن آفيسر گڊو بئراج سکر (مئي 1992)، ائڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سيٽلمينٽ جيڪب آباد ۽ شڪارپور (آگسٽ 1993 کان جون 1994)، ائڊيشنل ڪمشنر روينيو لاڙڪاڻو (جولاءِ 1994 کان نومبر 1996)، ڪمشنر لاڙڪاڻو (قائم مقام 4 نومبر 1996 کان 11 نومبر 1996)، ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو (11 نومبر 1996 کان 25 ڊسمبر 1996). ڪجهه وقت بلوچستان ۾ ڊپٽي هوم سيڪريٽري ۽ پوءِ ضلعي پنجگور (بلوچستان) ۾ ڊپٽي ڪمشنر طور فائز رهيو. ان کان سواءِ تعليم کاتي حڪومت سنڌ ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري فار اسپيشل ايڊيوڪيشن به رهيو.

ادبي خدمتون[سنواريو]

بدرالدين اڄڻ پنهنجي ادبي خدمتن جو آغاز، سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ تنقيدنگاريءَ سان ڪيو. خاص طور ’هلال پاڪستان‘ ۽ هفتيوار ”آزاد“ اخبارن ۾ مضمون ۽ مقالا لکڻ شروع ڪيائين. ’هلال پاڪستان‘ ۾ سندس تنقيدي مضمون شايع ٿيندا هئا، جڏهن ته ’آزاد‘ اخبار ۾ به هن تنقيد ۽ تبصري کي پنهنجو موضوع بنايو. ”سنڌ ڪوارٽرلي“ ۾ انگريزيءَ ۾ به لکڻ شروع ڪيائين. ان سان گڏ شعر و شاعريءَ جو به آغاز ڪيائين. شاعريءَ جي شروعات پروفيسر نعيم تقويءَ جي صحبت ۾ ۽ نثر جي ابتدا ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي دوستيءَ ۾ ڪيائين. ان کان سواءِ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ لاءِ ڪيترا علمي ۽ ادبي پروگرام پڻ ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ رهڻ ڪري سندس دوستيءَ جو حلقو وسيع ٿيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”سنڌي ادب ۽ تنقيدنگاري“، ”ٽي. ايس ايلئٽ“ ۽ ”ڪاڪ ٽيل پارٽي“ (ترجمو) اهم آهن.

ھن وقت[سنواريو]

رٽائرمينٽ کان پوءِ هن وقت شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ رجسٽرار آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]