بخاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ جي ساداتن جي مشهور قبيلن (لڪياري، مٽياري،-بخاري-) مان هڪ قبيلي جو نالو، -جن- جا وڏا بخارا مان آيل هئا. سنڌ ۽هند جا سمورا -بخاري- سادات، -جلال- الدين سرخ پوش -بخاري- رحمة -الله- عليه جو اولاد آهن. کين 3 فرزند هئا. (1) سيد احمد ڪبير، (2) سيد -بهاؤالدين-،(3) سيد محمد.سيد سرخ بخاريءَ سيد بدرالدين رضويءَ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي. -بخارا- کان سڌو -بکر- آيو ۽ پوءِ ملتان ڏانهن ويو ۽ حضرت شيخ -بهاؤالدين- ذڪريا ملتانيءَ جي دست مبارڪ تي -بيعت- ڪري، خلافت جو خرقو ڍڪيائين. سکر، -بخاري- ساداتن جو قديم مسڪن هو، تنهنڪري گهڻا -بخاري پير- هن شهر ۾ ئي آرامي آهن: جهڙوڪ مخدوم نوح -بخاري-، جيڪو قلعي -بکر- اندر ستل آهي، سيد سومر شاهه -بخاري- ۽ سيد بقا شاهه وغيره.[1]

حوالا[سنواريو]