بحث:ميوسيڪانس
موضوع شامل ڪريوميوسيڪانس يا موسيڪانوس - ڪھڙو نالو /عنوان مناسب آهي
[سنواريو]ھن مضمون جو عنوان/نالو ميوسيڪانس (Musicanus) يا موسيڪانوس (Mousikanos) منجھائيندڙ لڳي رھيو آھي پر ٻئي نالا يا عنوان به ٺيڪ ئي آھن، اھڙيءَ صورتحال ۾ جيئن ته وڪيپيڊيا جي پاليسين ۽ ھدايتن ۾ اڪثر ايئن ٿيندو آهي ته ڪنھن ھڪ وڌيڪَ عام فهم نالي يا عنوان سان مضمون جي سمايو/ضم ڪيو ويندو آهي. انڪري راءِ ڏني ٿي وڃي ته مضمون کي موسيڪانوس ۾ سمايو وڃي ۽ ان مونجھاري کي حل ڪرڻ لاءِ مضمون ۾ ھيئن لکي سگھجي ٿو تہ موسيڪانوس (Mousikanos)، جنهن کي ڪجهه لکتن ۾ ميوسيڪانس (Musicanus) پڻ لکيو ويو آهي، سنڌو ماٿريءَ جي هڪ قديم رياست جو حڪمران هو. انگريزي نالن Mousikanos يا Musicanus جو سنڌي تلفظ تاريخي ڪتابن ۽ لسانيات جي حوالي سان "موسيڪانوس" وڌيڪ مناسب ۽ مستند آهي.موسيڪانوس: هي قديم يوناني لکتن جي ويجهو آهي ۽ سنڌي تاريخي ادب (جهڙوڪ تحفتہ الڪرام جو اردو/سنڌي ترجمو يا قديم سنڌ بابت تحقيقي مقالا) ۾ هن قسم جا نالا 'وس' (os) جي پڇاڙيءَ سان لکيا ويندا آهن. ميوسيڪانس: هي رڳو انگريزي لکت (Musicanus) جو سڌو سنئون اکرن وارو ترجمو لڳي ٿو، جيڪو سنڌي لغت ۾ اوپرو محسوس ٿئي ٿو. منهنجي تجويز آهي ته مکيه عنوان "موسيڪانوس" ئي رکجي ۽ ٻئي نالي (ميوسيڪانس) تان Redirect (روانو) يا سمائي (Merge) ڪري ڇڏجي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته مون جيڪو موسيڪانوس لکي گوگل سرچ ڪيو ان ۾ مونکي موسيڪانوس ئي مناسب عنوان لڌو. ماڇڪو يا موسيڪانوس - سنڌوءَ جو سفر 1989ع | سنڌسلامت ڪتاب گهر، ٻيو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ اروڙ الور مضمون ۾ پڻ موسيڪانوس لکيل نظر آيو. بدرابڙوڊاٽ ڪام تي پڻ موسيڪانوس لکيل آهي. اھڙا ٻيا ڪيترائي وسيلا آھن جتي موسيڪانوس ئي لکيل آھي انڪري منھنجي راءِ آھي ته ھن مضمون کي موسيڪانوس ڏانھن سمايو وڃي. سمائڻ مھل ھنن ڳالھين کي ڌيان ۾ رکڻ گهرجي:
- پھرين وک/ڳالھ: جنهن مضمون ۾ معلومات گهٽ آهي، ان مان ضروري نڪتا کڻي نئين ۽ تفصيلي مضمون ۾ شامل ڪيا وڃن.
- ٻي وک/ڳالھ (حوالا):پڪ ڪريو ته پراڻي مضمون ۾ جيڪڏهن ڪو مستند حوالو هو ته اهو ضايع نه ٿئي.
- ٽئين وک/ڳالھ (Redirect/چوريو):جڏهن سارو مواد "موسيڪانوس" تي اچي وڃي، ته "ميوسيڪانس" واري صفحي کي خالي ڪري اتي هي ڪوڊ لکو:#REDIRECT موسيڪانوس . هن سان جيڪڏهن ڪو پڙهندڙ "ميوسيڪانس" سرچ ڪندو ته هو سڌو نئين مضمون تي پهچي ويندو.جوڳي اسد راڄپر ڳالھ 18:04, 17 مارچ 2026 ( يو.ٽي.سي)
- ڪافي بھتر ۽ با دليل صلاح آھي، اتفاق ڪجي ٿو. مھتاب احمد سنڌي (ڳالھ) 22:58, 17 مارچ 2026 ( يو.ٽي.سي)