بحث:سگھڙ
موضوع شامل ڪريوسگھڙ عبد الرحمان مھيسر
[سنواريو]عبدالرحمان مهيسر: سنڌ جو هي ناميارو سگهڙ 1 نومبر 1945ع تي حافظ محمد صالح جي گهر ڄائو. سندس ڳوٺ ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڳوٺ رفيق مهيسر جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪئي. هن ناظره قرآن شريف ۽ پنج پاره حفظ ڪيا. انگريزي تعليم مئٽرڪ تائين حاصل ڪيائين. سگهڙائپ ۾ سندس پهريون استاد سنڌ جو مشهور سگهڙ حاجي فقير مهيسر هو. پاڻ ريڊيو پاڪستان ڪراچي، حيدرآباد ۽ خيرپور تان ڪيترائي پروگرام ڪيائين. ان کانسواءِ هن پي.ٽي.وي تي به سنڌي پروگرامن جهڙوڪ: سنڌ سينگار، ڪچهري، مهراڻ رنگ، اوطاق ۽ رس رهاڻ جهڙن مشهور پروگرامن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري تمام گهڻي مڃتا ماڻي. هن پنهنجي ڪتاب ‘مهيسر جي مام’ ۾ حمد، نعت، بيت، ڪافيون، ان کانسواءِ ٽيهه اکري ۾ نبي سڳوري صه جي صفت، معجزو، آجيان جا بيت، ڏور، پرولي، ڏٺ، سرتيون، ڳجهارتون پڻ تمام سهڻي انداز ۾ لکيون آهن. هن جي فن جي بلندي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ‘سنڌي هنر شاعري’ ۾ سندس بيت ڏنا آهن. کيس حياتيءَ ۾ ئي اعزازن سان نوازيو ويو. 1985ع ۾ لطيف ايوارڊ، 1994ع ۾ سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ٽنڊو آدم ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ کانسواءِ ٻيا کوڙ سارا ايوارڊ، سرٽيفڪيٽ ۽ ٽرافيون شامل آهن. حاجي صاحب پنهنجي محنت جفاڪشي ۽ جاکوڙ سان غمنام سگهڙن کي منظر عام تي آندو پاڻ ڳچ وقت Ptv ڪراچي جو ڪمپيئر رهيو جتي سگهڙن کي متعارف ڪرئڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رهيو آھي پاڻ ڪچهرين کي عام ڪرڻ لاء ۽ ماڻهن کي متوجوه ڪرڻ لاء مچ ڪچهرين جو بنياد رکيو ياد رهي ته اڳئي سگهڙن جو ڪچهريون ٿينديون هيون مگر صرف سگهڙ پاڻ ۾ ويهي ڏور گجهارت جي ڪچهري ڪندا هيا پر ”حاجي عبدالرحمان مهيسر“ انهن ڪچهرين ۾ فن جي نواڻ پيدا ڪري ڪچھرين کي عام ڪيو ان مسلسل ڪوشش سان سگهڙن جي مقبوليت پوري پاڪستان ۾ ٿيڻ لڳي
حاجي صاحب حڪومت پاڪستان کان لوڪ ادب ۽ سگهڙن جي ڪچهرين لاء ڪجھ مطالبا ڪيا جن ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس ۾ سگهڙن جي ڪچهري رچائي وڃي
حضرت لال شھباز قلندر جي ميلي ۾ سگهڙ ڪانفرنس منعقد ڪئي وڃي
صوفي سچل سرمست جي عرس ۾ سگهڙن جي ڪچهري رچائي وڃي
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد
ريديو پاڪستان خيرپور
ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو
۾ سگهڙن کي اپرول ڪري لوڪ ادبي ڪچهريون ڪيون
ريديو پاڪستان خيرپور
ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو
۾ سگهڙن کي اپرول ڪري لوڪ ادبي ڪچهريون ڪيون وڃن ۽ غريب سگهڙن کي معاضو ڏنو وڃي
۽ غريب سينئر سگهڙن کي ثقافت کاتي ڪلچر ڊپارٽمينٽ پاران وظيفا ڏنا وڃن
حاجي صاحب جي ڪاوشن سان انهن مطالبن کي حڪومت پاڪستان تسليم ڪيو مقصد ته لوڪ ادب ۽ سگهڙن کي منظر عام تي آڻڻ ۾ حاجي صاحب جو ڪردار تمام وڏو ۽ ڪشادو ڪردار آھي جنهن تعريف لفظن ۾ ڪرڻ مشڪل آهي پر هتي هڪ ڳالھ ڪندو هلان ته اڄ جيڪي به سرڪاري ڪانفرنسون ٿين ٿيون انهن سڀن جو بنياد حاجي صاحب رکيو ڇو ته اڳئي انهن جڳهن تي حاجي صاحب پنهنجي هڙان وڙان سگهڙن جون ڪچهريون رچائيون ان جو خاص مقصد اهو هيو ته جئين سنڌ جي تهذيب ايندڙ وقت ۾ محفوظ رهي سگهي ۽ نوان سگهڙ پيدا ٿي سگهن آء ته دعوا سان چوان ٿو ته جيڪڏهن ”حاجي عبدالرحمان مهيسر“ لوڪ ادب ۽ سگهڙ جي وارثي نه ڪري هان ته شايد هن دور ۾ ڪو به سگهڙ نه ٿي نه سگهي هان ۽ نه ئي وري ڪا ڪٿي لوڪ ادب جي ڪچهري ٿي هان
هتي هڪ سوال جنم ٿو وٺي ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ حاجي صاحب جن جي پاڻ ۾ ھيتري وڏي گهرائپ ڇو هئي؟
جتي منهنجو ذهن ڪم ٿو ڪري ته بلوچ صاحب هڪ وڏو محقق ماڻھون هيو جنهن جي هر جاء تي حاجي صاحب کي ضرورت هئي مگر هيء ڳالھ به ذهن نشين هجڻ گهرجي ته حاجي صاحب به بلوچ صاحب لاء ضرورت بڻيل هيو ڇو ته اهو واهڻ ناهي اها وستي ناهي اهو ٿر ناهي اهو بر ناهي اهو علائقو ئي ناهي جتي حاجي صاحب گهميو نه هجي ۽ ڪچهري نه ڪئي هجي حاجي صاحب ڪنهن به علائقي ۾ ايندو هيو ته پري پري کان ماڻھون اچ گڏ ٿيندا هيا ۽ چوندا هيا ته مهيسر دستار ٻڌي مرڪي ته اسين اهو نظارو ڏسون سندس دستار ٻڌي مرڪي ڳالهائڻ جو انداز عجب هيو سندس لبن جي تبسم جو مثال ملڻ مشڪل آهي مقصد ته حاجي صاحب جي شخصيت ئي ڊاڪٽر بلوچ لاء ضرورت بڻيل ھئي
١٩٩٠ع جي ڏهاڪي ۾ ناري تعلقي ۾ اچي آل سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي تنظيم تعلقو نارو جو صدر استاد درمحمد سهتو کي مقرر ڪري کيس پڳ پارائي سگهڙن کي نروار ڪيو ان تقريب به ۾ ڪيترائي ماڻھون شريڪ ٿيا
هر ماڻهو اهو ئي چاهيندو هيو ته جيڪر مهيسر منهنجو مهمان ٿي ۽ حاجي صاحب جي غريب ماڻهن سان ڪافي ساري محبت هوندي هئي ۽ پاڻ هر ماڻھون جي ڏنل دعوت ۾ شريڪ ٿي ان کي مان بخشيندو هيو
١٩٩٠ع جي دور ۾ سنڌ جي تمام سگهڙن کي پاڻ قلمي مواد لکڻ جي هدايت ڪيائين
پاڻ به تمام اپر درجي جي لوڪ ادب شاعري لکي ١٩٩٧ع ۾ ڪتاب ”مهيسر جي مرڪ منظر عام تي آڻي لوڪ ادب کي سگهارو ڪيو سندس جي شاعري ۾ سگهڙائپ جي اعلي درجي جي عڪاسي جو منظر سمايل آهي
١٩٩٩ع ۾ پنهنجوٻيو ڪتاب ”مهيسر جي مام“ پنهنجي هڙان وڙان ڇپرائي ايندڙ نسل جي سگهڙن لاء هڪ سکيا جو ڪامياب درس رائج ڪيو
٢٠٠١ع ۾ ”مهيسر جي موج“ ڪتاب منظر عام تي آڻي لوڪ ادب جي تمام گهڻي خدمت ڪئي
٢٠٠٤ع ۾ ڪتاب ”حال حيات“ ڇپرايو جنهن ۾ سنڌ جي نالي وارن سگهڙن جو فن ڇپرائي سگهڙن جو ساٿ ڏئي تمام سگهڙن کي اهل ڪتاب بڻايائين ”حاجي صاحب“ جي ان محنت جو مثال ملڻ هن دور ۾ مشڪل آھي
مطلب ته ”حاجي صاحب“ لوڪ ادب جي جيڪا خدمت ڪئي ان جي نتيجي ۾ اڃ پوري پاڪستان ۾ سگهڙن کي ڄاتو ۽ سڃاتو ٿو وڃي
”حاجي عبدالرحمان مهيسر“ اڃ به سنڌ جي عوام کان وسري ناهي سگهيو ان اهو ئي سبب آھي جو پاڻ هڪ مهان معتبر ڏاهو دانھ اديب دانشور سگهڙ سان گڏوگڏ درويش صفت انسان هو
حاجي صاحب پنهنهجي تنظيم طرفان سنڌ جي ڪيترن ئي سگهڙن کي سرڪاري ايوارڊ مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏيارائي سگهڙن کي مان بخشيو
حاجي صاحب کي پاڪستان گورمنٽ ۽ ثقافت طرفان ڪيترائي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا جن ۾
شاھ عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ
حضرت لال شھباز قلندر ايوارڊ
صوفي سچل سرمست فاروقي ايوارڊ
ان کان اعلاوه ڪيترن ايوارڊن مڃتا سرٽيفڪيٽن جو پڻ مالڪ ھيو هن سنڌ جي مهان شخصيت جو ڪيل ڪردار ساراهيل آهي اڄ به سندس فهم فضيلت ادب اخلاق جو دنيا مثال ڏيندي رهي ٿي
جنهن به ڪچهري ۾ ڪانفرنس ۾ حاجي صاحب جو ذڪر ڪيو ويندو آهي اتي ٻڌندڙن جي زبان مان بي اختيار چئجي ويندو آهي ” هاء هاء مهيسر جي محبت “ هن مرد مجاهد انسان هر هميشه ماڻهن کي محبت سان پنهنجو ڪيو
سندس ٻيا سڀ عزاز هڪ پاسي مگر کيس وڏو عزاز اهو هيو جو پاڻ
حضرت قبلا ولي ابن ولي شمس العلماء پير سائين سردار محمد راشد المعروف رهبر روزي ڌڻي رحمت الله عليه درگاھ پير جو گوٺ جو حرمجاهد مريد هيو ان سندس اعزاز جو وڏو مان مرتبو آهي
مهيسر جي مام
(سگھڙ عبدالرحمٰن مهيسر جو ڪتاب)
سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر به هن دؤر جي سڄاڻ ۽ سرواڻ سگهڙن مان هڪ هو. هُن ڊاڪٽر بلوچ ۽ ٻين سگهڙن سان گڏجي هِن فن جي وڏي خدمت ڪئي. سندس ڪلام ۽ سهيڙ تي ٻڌل مختلف ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن جو تعارف هن ڪتاب ۾ شامل آهي. مهيسر صاحب جو هيءُ پهريون ڪتاب آهي، جنهن جو نالو ”مهيسر جي مام“ رکيو اٿائين. هن ڪتاب ۾ سندس زندگيءَ جو احوال ۽ ابتدائي ڪلام ڏنو ويو آهي. 215 صفحن تي ٻڌل هيءُ ڪتاب حفيظ برادرز ڳوٺ رفيق مهيسر ضلعي خيرپور ميرس پاران ظفر چشتي، ڪرم پبليڪيشن سرور مارڪيٽ اردو بازار لاهور وارن 1997ع ۾ ڇا پيو ويو. هن ڪتاب ۾ سندس 1965ع کان 1995ع وارن ٽيهن سالن جو چونڊ مواد شامل آهي.
ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. بلوچ صاحب لکي ٿو ته؛ ” هر سگهڙ جي ڪلام ۾ ڪانه ڪا خوبي آهي پر ٻوليءَ ۽ بيان جي سُهڻائي، جنهن سان ڪلام شاعريءَ واريءَ منزل تي پهچي ٿو، سا سگهڙ عبدالرحمن مهيسر جي ڪلام ۾ آهي.“
بلوچ صاحب اڳتي لکي ٿو ته؛
”مهيسر جي مام سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر جي شاعريءَ ۽ سگهڙ پائيءَ جو هڪ مثالي مجموعو آهي، جنهن کي ڏسي خوشي ٿئي ٿي ته سنڌ جي سگهڙ پائيءَ جو معيار نهايت ئي بلند ٿيو آهي.“
ڪو وقت هوجو ڳوٺن ۾ ماڻهو ”ڏورن ڳجهارتن وارا“ يا ”بيتائي“ سڏبا هئا پر ”سگهڙن“ جي نالي مشهور نه ٿيا هئا. ميلن جي موقعي تي پَٽ تي پوتيون وڇائي ڏورن، ڳجهارتن يا نڙن بيتن جون رهاڻيون ڪندا هئا پر ڪنهن سهڻيءَ سٽاءَ واريءَ ”سگهڙن جي ڪچهري“ جو اڃا نالو ئي ڪونه هو. جيئن ته راقم سنڌي لوڪ ادب سهيڙڻ جي ذميداري قبول ڪئي هئي، انهيءَ ڪري ضروري سمجهيو ويو ته اهي سگهڙ جن سنڌي لوڪ ادب جو ذخيرو پنهنجن سينن ۾ سانڍيو آهي تن سان نه رڳو ملجي پر انهن جو مانُ شانُ وڌائجي ۽ پڙهيلن جي دنيا ۾ انهن جو مُنهن مٿانهون ڪجي. 1955ع کان وٺي انهيءَ مقصد خاطر سڄيءَ سنڌ ۾سُگهڙن کي ڳولي ڏسڻ ۽ باقاعدگيءَ سان ”سگهڙن جون ڪچهريون“ قائم ڪرڻ منهنجو هڪ محبوب مشغلو بڻجي ويو.“ (ص:07)
ڪتاب جو مقدمو امان الله مهيسر لکيو آهي، جنهن ۾ هن عبدالرحمٰن جي زندگيءَ جو احوال ۽ لوڪ شاعريءَ تي تفصيل سان لکيو آهي.
ان کانسواءِ ضلعي خيرپور جي تعليمي ماهر سيد ضياءَ الدين شاهه به سگهڙ عبدالرحمٰن بابت ٻه اکر لکيا آهن.
ڪتاب ۾حمد ۽ ساراهه، نصيحت، ڪچهري، سڪ سوز، مهل موقعي جابيت ۽ ڪافيون وغيره شامل آهن، هُن پنهنجي مرشد سائين راشد روضي ڌڻيءَ جي ساراهه کان سواءِ سائين غوث علي شاهه ۽ ٻين کي به واکاڻيو آهي. هيٺ ڪتاب مان چونڊ ڏجي ٿي؛
مرشد جي ساراهه
(1)منهنجو مرشد محمد راشد سائين رهبر روضي وارو،
روءِ زمين تي روشن، آهي چوڏس جيان چوڌارو،
مشهور ساري ملڪ ۾، هر هنڌ آهِه هاڪارو،
قادري سلسلو قائم، ڪيَئين سنسار ۾ سارو،
وٺائي واٽ وِلهين کي، چڱو سُهڻي ڏسيو چارو،
اچي عبدالرحمٰن چئي، ڏسو سيد پير سوڀارو،
ته مڙيئي منَ مونجهارو، هڪ لحظي منجهه لهي وڃي.
(2)لحظي منجهه لاهي ٿو، مونجهه پارس منهنجو پيرُ،
توڪل تڪيو رب تي، سچو سندس سيرُ،
ڏسڻ سان ٿو ڏک وڃي، ٿئي ساهه سڌيرُ،
لکين مريد لعلڻ جا، تن جي واهر ڪري ويرُ،
مِٺڙو مُحب منيرُ، اچي ڪامل ڏسو ڪِنگريءَ ۾.
(3)ڪامل ڏسو ڪنگريءَ ۾ آهي پير پاڳارو،
مريدي جنهن جي مُلڪن ۾، آ هند سنڌ نعرو،
دلبر جي درگاهه تي آهي نوري نظارو،
جامعه راشديه جڳ ۾ عالم اظهارو،
ديني درسگاهه هلي ٿو سالن کان سارو.
هر هنڌ جاءِ تي اٿس نالو نروارو
مفتي مولوي حافظ هزارين ڇا ڪري شاعري شمارو،
سي پاس ٿي پار پهتا، ويا ياد پڙهي يارو،
دعائون تن کي دانَهُه ڏئي پيو، مرشد موچارو،
ڪونه ڏسندين ڪٿهين اهڙو ڪامل قرارو،
هتي هُتي هر جاءِ تي، آهي سيد سَهارو،
مُنهنجو پارس پاڳارو، مُلڪن ۾ مشهور آ.
(4)مُلڪن ۾ مشهور ڏسو، سائين شاهه مردان شاهه ثاني،
فائق ڌڻي فيض جو لعلڻ لاثاني،
مُلڪَ مهيسر چوي ڏيهه سندس ڏاني،
هميشھ هتي هلي پئي، خوب لنگر خاني،
اَهڙو، جلوبدارُ جاني، سيّد سهڻو سنڌ ۾.
(5)سيد سهڻو سنڌ ۾ مشهور آهي مُلڪن،
هيرا موتي هزارين تنهن جي چُغي تي چلڪن،
ڪلنگي تاج ڪامل پائي، ته عاشق عيدون ڪن،
ڀيڄ پاڳارا ڀيڄ پاڳارا، لات پيا لنون،
پنهنجي پير مرشد سان ايڏي محبت مريدن،
محڪم شريعت مُحمدي تي پورا رهي ته رهن،
ساز ۽ سُرودَ جي ويجهو نا وڃن،
عبادت ڪن الله جي، پيا پنجئي وقت پڙهن،
خوف خدائي مَنَ ۾ رات ڏينهن رکن
تهجد جي تياريءَ لاءِ، آڌيءَ وري اُٿن،
لاالھ الالله هردم هنئين سان هنڍائن،
ذڪر ڪن ذوق سان هاديءَ جي حڪمن،
انهيءَ جو عبدالرحمٰن چئي، آهي فڪر فقيرن
مرشد پاڻ مِڙن، اڪاريندو احسان سين،
(6)اُڪاريندو احسان سين، ڪندو هيڻن حمايت،
پار پهچائيندو پڳ ڌڻي، آهي ڪامل ڪرامت
مريدن تي مهيسر چئي، ٿيندي ايڏي عنايت،
پٺي لائي پاڻ هلندو، جانب جماعت،
ميڙي محمد مير جي، سڀئي سلامت،
مالڪ ڏني مدنيءَ کي، آ بيحد بشارت،
سو شافع شفاعت ڪندو، ڏينهن قيام جي.
(7)ڪندو ڏينهن قيام جي، اڙين جو آڌارُ
ميرُ محمد مصطفى هوندو مالڪ جو مختيارُ،
ڪوئي رهندو ڪو نڪو ، اُتي گدلو گنهگارُ،
پرين وٺي پاڻ هلندو، جتي جنت جو جنسارُ،
ڪلمون جن قرار، سي ڏُک ڏسندا ڪينڪي.
معما
معما ڏٺ پروليءَ جو هڪ سٺو نمونو آهي ڏٺ پروليءَ جو بنياد ڪنهن ڏٺل شيءِ تي ٻڌل هوندو آهي اهڙيءَ طرح معما جو مطلب خيال ۽ ويچار تي ٻڌل هوندو آهي ڏٺ پرولي ٿورن لفظن ۾ سگهڙ ٺاهي ڏيندو ۽ انهيءَ جو جواب به سگهڙ سڌن سولن لفظن ۾ بيان ڪندو.
معما ۾ وڏي فن جي ضرورت آهي. سگهڙ پنهنجي خيال کي معما جي رنگ ۾ ظاهر ڪندو ته ٻيو سگهڙ به انهيءَ کي بيت ۾ معما جو جواب ڏيندو، جنهن جي مراد لڪل هوندي پر معما جو ڏيندڙ ۽ معما کي سڄي ڪري ٻڌائيندڙ ٻئي سمجهندا آهن، انهيءَ ڪري معما، ڏٺ پروليءَ کان وڌيڪ ڏکي آهي، جنهن ۾ گهڻي خيال ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي. عبدالرحمٰن هيءُ بيت حفيظ الرحمٰن کي ڏنو جو بيت هيٺ ڏجي ٿو؛
آهي معصومن مرڪ، جيڪي ٻنڌڻن منجهه ٻارَ
شاهي بازار شهر ۾ تون وڃين ٿو وينجهارَ
ياد ڪري يارَ، اُهو آڻجانءِ عبدالرحمٰن چئي.
يعني ته سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر پنهنجي فرزند سگهڙ حفيظ الرحمٰن مهيسر کي معما بيت ۾. ”مکڻ“ وٺي اچڻ لاءِ هيءُ بيت ڏنو. حفيظ الرحمٰن شهر جي بازار ۾ مکڻ جي پڇا ڪئي پر مکڻ سويرو وڪامي ويو هو ۽ مکڻ مان جيڪو گيهه ٿئي ٿو اهو خاص هڪ دڪان تي گهڻو رکيل هو، واپس موٽي پنهنجي والد کي معما جو جواب هيٺينءَ معما جي بيت ۾ جوڙي ڏنائين ته:
باب وڃي بازار ۾ تنهن جو پڇايم پيرو
سو هليو ويو حفيظ چئي، سائين صبح سويرو
ڪاڄ ۾ جيڪو ڪم اچي، ڪري مانُ مٿيرو
هيو تنهن جو دڪان تي ديرو، اُهو چئو ته آڻي ڏيان
2 Book
مهيسر جي موج (سگھڙ عبدالرحمٰن مهيسر جو ڪتاب)
حفيظ برادرز پاران 1999ع ۾ شايع ڪرايل هيءُ ڪتاب سگهڙ عبدالرحمٰن جو ٻيو ڪتاب آهي، جيڪو 155 صفحن تي ٻڌل آهي. حفيظ برادرز، سگهڙ عبدالرحمٰن جا فرزند آهن، جن ان نالي سان فقير صاحب جا ڪتاب پنهنجي خرچ تي شايع ڪرايا آهن. ڪتاب ”مهيسر جي موج“ جو نالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ رکيو، جنهن ۾ مهيسر صاحب جي ٻن سالن دوران تخليق ڪيل شاعري شامل ڪئي وئي آهي. ڪتاب ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي ارپيو ويو آهي. مُنڍ واري مبارڪ (مهاڳ) ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکيو آهي، مقدمو استاد امان الله مهيسر ۽ ٻه اکر پروفيسر شيخ محمد فاضل لکيا آهن.
ڪتاب ۾ حمد ۽ ثنا ۽ ٻين بيتن کان سواءِ وڏو حصو مهل موقعي (واقعاتي) بيتن جو آهي؛ جهن سان ڪيترن ئي واقعن جي شاعريءَ ۾ تاريخ لکي وئي آهي، تنهن ڪري اسان هن کي هڪ تاريخي ڪتاب به سڏي سگهون ٿا، ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان حوالي سان لکي ٿو ته؛
”عبدالرحمٰن مهيسر سهڻي سيرت ۽ صورت وارو سگهڙ آهي ۽ ان سان گڏ هو وڏو سُرتيو ۽ سُرائتو سگهڙ آهي. هو صحيح معنى ۾ ”شاعر سگهڙ“ آهي ۽ هن عوامي رنگ واري سهڻي شاعري ڪئي آهي.“
جن جن واقعن تي سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر بيت چيا آهن سي ان وقت جي ماحول جو چٽو آئينو آهن. انهن ۾ محض ڳالهه يا بيان ناهي پر حقيقت پڻ سمايل آهي. اعلى عوامي شاعريءَ جي اها خصوصيت آهي جو جيڪو بيان ڪجي سو سچو هجي. اڳيان پارکو چئي ويا آهن ته: ”شاعر اهو جو سچ چوي.“
سو سگهڙ عبدالرحمٰن به پنهنجن بيتن ۾ گهڻيون سچيون ڳالهيون ڪيون آهن، سائين غوث علي شاهه کي ڏوراپو ڏنائين ته:
”ڪم ڪرين پيو ڪيترن جا، مون اٻوجهه سان انڪار!“
بس هن هڪ سٽ سان سگهڙ عبدالرحمٰن جا سڀ ڪم ٿي ويا. ڪمشنر نثار احمد صديقيءَ کي به چئي ڏنائين ته؛
”مارين ٿيون مهيسر چوي تنهنجيون ليٽ واريون لُوهان“
ٻڌڻ سان صديقي صاحب وڏا ٽهڪ ڏنا.
مير شاهنواز خان شاهلياڻي (جمالي) هڪ هر دلعزيز انسان هو ۽ سندس وفات تي اسان کي وڏو صدمو پهتو. سگهڙ عبدالرحمٰن پنهنجي بيت ۾ حقيقت بيان ڪئي ته:
”محبت وارو مينهن، وسائي ويو وَڏ ڦُڙو“
هڪڙي دفعي ڪتاب لاهور ۾ ويهي پاڻ ڇپايائين تڏهن البت دانهن ڪيائين ته:
”هِت ڏکيون ڏٺم اچي ڳالهيون، ٻيو لاهورين جو لَمُ“
ڪمشنر خالد محمود سومري کي به چئي ڏنائين ته:
”پئسي نٿو پنڌ ڇُٽي، ٿا غم وڌن گوندر“
سومري صاحب بيت ٻڌي کلي ڏنو.
هن ڪتاب ۾ واقعاتي بيتن کانسواءِ ڳجهارتون، نصيحت، سڪ سوز وارا بيت به ڏنا ويا آهن. ڳجهارتون به موضوع وار ڏنيون ويون آهن، جهڙوڪ: شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، شهيد عبدالرحمٰن کهڙائي وغيره. ڪتاب مان چونڊ ڳجهارتون هيٺ ڏجن ٿيون.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه
(1)
ڏيڻي: ڀونءِ جي ٻولي شاهه پوءِ ڀونءِ جي ماڻي،
ڀونءِ جي= هيٺانهين. ٻولي= هلي. ڀونءِ جي= مٿانهين.
ڀڃڻي: هيٺانهين هلي شاهه پوءِ مٿانهين ماڻي.
(2)
ڏيڻي: نالي تي شاهه نالو ڪيو.
نالو= ڪِراڙ (ڍنڍ) نالو= قرار
ڀڃڻي: ڪراڙِ تي شاهه قرار ڪيو.
(3)
ڏيڻي: شاهه جو پنهنجو نرنان ذات هو.
پنهنجو = نانو، نرنان = عرس فقير، ذات= ڏيرو
ڀڃڻي: شاهه جو نانو عرس فقير ڏيرو هو.
سچل سرمست رحه
(1)
ڏيڻي: مُلڪ ۾ فقير نالو ٻولي نالو آ.
مُلڪ= سنڌ، فقير= صوفي، نالو = سچل، ٻولي= ثاني. نالو= منصور.
ڀڃڻي: سنڌ ۾ صوفي سچل ثاني منصور آ
(2)
ڏيڻي: ليکو علم جو نرنان جو نالو هو.
ليکو= پهرين. علم جو= استاد. نرنان= سچل سرمست. نالو = حافظ عبدالله.
ڀڃڻي: پهريون استاد سچل سرمست جو حافظ عبدالله هو. (3)
ڏيڻي: نرنان نالي کي پنهنجو نالو مڃيو آهي.
نرنان= سچل سرمست، نالو= عطار. نالو= سالار
ڀڃڻي: سچل سرمست عطار کي پنهنجو سالار مڃيو آهي.
مخدوم شهيد عبدالرحمٰن کهڙائي
ڏيڻي: علم جو نرنانءَ کي شهر ۾ ذات پکي ڪرايو.
علم جو = مخدوم. نرنان= عبدالرحمٰن. شهر= کهڙا. ذات= ڪلهوڙا. پکي= شهيد.
ڀڃڻي: مخدوم عبدالرحمٰن کي کهڙن ۾ ڪلهوڙن شهيد ڪرايو.
امام بخاري رحه
ڏيڻي: نرنان ذات علم جون حاڪيماڻي رَڇُ ڪيون.
نرنان= امام. ذات = بخاري. علم جون= حديثون. حاڪيماڻي= صحيح. رڇ= گڏون.
ڀڃڻي: امام بخاريءَ حديثون صحيح گڏ ڪيون.
سرائتيون ڳجهارتون
مارئي
(1)
ڏيڻي: ڪاٺ جن تي ويهي وکر ڏيندي هيس مارن کي.
ڪاٺ جا= چرکا (چرخا) وکر= ڪتيلو.
ڀڃڻي: چرخن تي ويهي ڪتي لوئي ڏيندي هيس مارن کي.
(2)
ڏيڻي: لوهه جو باهه جو ذات نه.
لوهه جو= ڪير+. باهه جو= ساڙُ. ذات= سامٽيا.
ڀڃڻي: اڪير ساڙيهه(ساڻيهه) وطن جي سا مٽيان نه.
(3)
راءِ ڏياچ
ڏيڻي: نالا ته گهڻا ٻڌا ذات مال جو تُنهنجي
نالو= دمساز. ذات= ڪاتيار. مال جي= لڳي.
ڀڃڻي: دم ساز گهڻا ڪا تار لڳي تُنهنجي
3 Book
. مهيسر جي مُرڪَ (سگھڙ عبدالرحمٰن مهيسر جو ڪتاب) -
سگھڙ عبدالرحمٰن مهيسر ٻن ٻن سالن جي وٿيءَ سان ئي ڪتاب ڇپرايا. سندس هيءُ ٽيون ڪتاب 2001ع ۾ آيو، جيڪو به حفيظ برادرز ڳوٺ رفيق مهيسر، تعلقي ڪنگري ضلعي خيرپور ميرس پاران ڇپيو. هِن جو مهاڳ به ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو. ڪتاب ”آزاديءَ جي علمبردار، حُر تحريڪ جي عظيم سرواڻ سورهيه پير سيد صبغت الله شاهه (ثاني) شهيد پير پاڳاري کي منسوب ڪيو ويو.“
ڪتاب کي هيٺين (9) بابن ۾ ورهايو ويو آهي.
1. حمد و ثنا ساراهه، 2. نصيحت ۽ دانائي، 3. سڪ ۽ سوز محبت جو مذڪور، 4. ياري، 5.خوش طبعيءَ وارو خيال، 6. مهل موقعي جا بيت، 7. ڪچهري، 8. غزل بيت ۽ ڪافيون، 9. ضميمو.
هتي ڪتاب مان چونڊ ڏجي ٿي؛
سڪ ۽ سوز ۾محبت جو مذڪور
(1)
ساري سڄڻ يار کي، منهنجي اکين آندو آبُ،
عجيب لاءِ عبدالرحمٰن چوي، رڳون ٿيون ربابُ،
عشق جي آڙاهه جو، تکيرو آ تابُ،
جيرا جگر بڪيون، ٿو نهوڙي نوابُ،
سارو بدن سڙي صفا، ڪُلئي ٿيو ڪبابُ،
برهه وارو بابُ، پرينءَ پاڻ پڙهائيو،
(2)
ساري سڄڻ يار کي، ٿا نيڻ وهن نارا،
روڪجن ڪين روئڻ کان ڪيم حيلا هزارا،
اوٿر ڪري اُٿلي پيون، سانوڻ سيارا،
سُکُ سمهڻ تن ويو، ڪُلئي قرارا،
آهن برهه جا بارا، اوکا عبدالرحمٰن چوي،
(3)
ساري سڄڻ يار کي، روئي ڪيم رنگَ،
پلپل پڪارون پرينءَ کي، ڪن عضوا ڪلئي انگَ،
صَبا وڃي سيگهه ۾، ڏي نياپا نسنگَ،
ته تُنهنجي وِرهه وڌا ونگَ، آهن اندر ۾عبدالرحمٰن چوي.
واقعاتي بيت
اريگيشن اسڪارپ خيرپور وارا
ٽيوب ويل C-41 ٻن سالن کان وٺي خراب ٿي پيو ۽ ٽرانسفارمر سڙي ويو، تنهن کان پوءِ اُن وقت S.D.O ٻيو سامان به ٽيوب ويل مان ڪڍرائي کڻي ويو. جڏهن ربيع 2000ع ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿي ته ٽيوب ويل سب ڊويزن جي آفيسر نصير پنجابيءِ سان ملڻ ٿيو، جنهن چيو ته انجنيئر صاحب سان خيرپور ۾ وڃي ملو، اُهو مسئلو حل ڪندو تنهن کان پوءِ مسٽر منظور حسين پنهيار انجنيئر سان آفيس ۾ وڃي مليس. انهيءَ زوردار نوٽ S.D.O گمبٽ ڏي لکي ڏنو ۽ ساڻس فون تي به ڳالهايائين ته هفتي اندر ٽيوب ويل هلائي ڏيو. پوءِ روزانو انجنيئر صاحب سان آفيس ۾ ملڻ لاءِ خيرپور وڃڻ پيو ٿئي ۽ اُتان وري گمبٽ S.D.O آفيس ۾ روزانو حاضريون. آخر مهيني کان پوءِ S.D.O گمبٽ جي آفيس ۾اُتي بيت ٺاهي انجنيئر صاحب کي فون تي خيرپور ٻڌايم ته چيائين فقير رحم رحم پوءِ S.D.O سان ڳالهايائين جنهن چيو ته ٽرانسفارمر به اوهان پنهنجي مدد پاڻ تحت ٺهرايو آهي، هاڻي ڊي فٽنگ جو خرچ به اوهان کاتيدار ڀريو ۽ واپڊا وارن کان ٺهرائي ڏيو ته هلائي ڏيون. آخر مجبوراً اسان اُهو ڪم ڪيو، تڏهن ٽيوب ويل هلائي ڏنائون.
بيت
مولى سمجهاءِ مالڪ تون، اصل اسڪارپ وارن کي،
رُلائي ماڻهن جو رت ڪڍن ٿا، هَر جي ڪن هزارن کي،
آسرا اڄ صبحاڻي جا، ملن پيا مون پارن کي،
ٽپڙ وڪڻن ٽيوب ويلن جا، ڪهڙيون يار ميارون يارن کي،
چانهه جو چُڪو پيارين پيا، پرت وارن پيارن کي،
ڏوڪڙ سواءِ ڏهاڙي هلائين، اک جي ته اشارن کي،
احساس ڏاڍو عوام جو، وڏو آهي ويچارن کي،
اوورسيئر، ايس ڊي او، انجنيئر ڇاڪن چورن چوڪيدارن کي،
اُهي به انهن جا ئي آهن، ڇا مٺڙا ڪندا ميارن کي،
ادريس راجپوت آنيسٽ چوان، يا سيڪريٽري سارن کي،
منظور صاحب ملڻو جهلڻو، ٻي پارت ڪرايان پنهيارن کي،
آبپاشي نظام ابتو ٿي ويو، ڀؤ ناهي ڪو ڀلارن کي،
پهرين تاريخ پگهار جو پئسو، ملي ملازمن ماهوارن کي،
ڊپ ڊيوٽيءَ جو ڪونهي ڪنهن کي، ٿين سفارشون سونهارن کي،
سو ظلم جو پئسو ظاهر ڏين ٿا، ٻچن پنهنجن ٻارن کي،
حلال روزي هر ڪو ڪمائي، اهڙو آ آرڊر عملدارن کي،
سي حڪم هلندا هيڻن تي، ڇا ڪندا شاهوڪارن کي،
پر ڪرسي بچائين پيا ڪامورا ، نه بُرو چَون بيلدارن کي،
مُلڪ سان مُنهن ڪير ڏيندو، ڏسو اوندهه انڌوڪارن کي،
الله سمجهائي عبدالرحمٰن چوي، رشوتي رياڪارن کي،
سمجهي سگهيس ڪونڪو، تن جي ڄار وڌل ڄارن کي،
صلاح منهنجي سُهڻي آهي مٺڙن مٺڙن مارن کي،
ته دانهن جو نيٺ داد ٿيندو، پرور ٻڌندو پڪارن کي،
باقي خاص هِن کاتي وارن کي، مُنهن نه پئجو ملڪ ۾
4 Book
حال حيات ضلعي خيرپور جا سُگهڙ (سگھڙ عبدالرحمٰن مهيسر جو ڪتاب)
سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر جو ترتيب ڏنل هيءُ ڪتاب 2003ع ۾ سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي تنظيم ضلعي خيرپور ميرس شايع ڪرايو، جنهن ۾ هن ضلعي جي(56) حال حيات سگهڙن جو احوال ڏنو ويو آهي، هن وقت انهن مان ڪي ته الله سائينءَ کي پيارا ٿي چُڪا آهن،جيئن سگهڙ عبدالرحمٰن مهيسر ۽ سگهڙ محمد سومر ڳاهو.
هن ڪتاب بابت عبدالرحمٰن مهيسر صاحب لکي ٿو ته:
”طبيعت جي ناچاقائي هوندي به اها ذميواري راقم جي حوالي ڪئي وئي، اُنهيءَ عظيم مقصدکي نظر ۾ رکندي سگهڙن وٽان مواد هٿ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سگهڙن دوستن جي در در وڃي مواد هٿ ڪيو ويو، ڪي سگهڙ مون سان رابطي ۾ رهيا، پوءِ تازو 2002ع جي آخر ۾ سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي تنظيم وجود ۾ آئي، الله پاڪ جي آسري تي ڪم شروع ڪيوسين. ضلعي خيرپور جي سڀني سگهڙن اٽل ارادي سان پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪتاب جي ڇپائيءَ جو بار ڪلهن تي کنيو ۽ مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو، ڪتاب کي ترتيب ڏيڻ وقت بيتن جي هڪجهڙائي يا گهڻي مواد جي ڪري ڪجهه ڪٽوتي ڪئي وئي آهي، جيئن ڇپائيءَ جو بار هلڪو ٿئي. اُن ڪري سگهڙ ساٿين کان معذرت ڪريون ٿا، هيءَ اسان جي ننڍڙي ڪوشش بنيادي دستاويز جي حيثيت ضرور رکندي، جيئن مستقبل جا لکندڙ اديب تاريخدان انهيءَ مواد کي وڌيڪ سهڻو بڻائي لکي سگهن، تاريخ 3 مئي 2003ع تي ڪاري موري حيدرآباد ۾ آل سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي تنظيم جي مرڪزي باڊي سگهڙن جي سرپرست اعلى ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي صدارت هيٺ چونڊي وئي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب سڄي سنڌ کان ڪهي آيل سگهڙن کي تمام گهڻو همٿايو ۽ آل سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ۾ راقم پنهنجي تقرير ۾ سگهڙن کي گذارش ڪئي ته نيڪ نيت ۽ اٽل ارادي سان پاڻ ۾ سُخن ڪريون ته هر ضلعي جا سگهڙ پنهنجي پنهنجي ضلعي جي سگهڙن جو ڪتاب ترتيب ڏئي ڇپرائين، جيئن سگهڙن جو چيل فن وڌيڪ اُجاگر ٿئي. اڄ جو نسل ڪلهه کان ناواقف آهي، ته سڀاڻي وارو نسل اڄوڪن سگهڙن کان ناواقف هوندو. سنڌ جي سڀني آيل سگهڙن خوشيءَ سان اهڙي عملي ڪم جي تائيد ڪئي ۽ يقين ڏياريو ته انهيءَ ڪتابي ڪم کي توڙ تائين پهچائڻ ۾ ڪا ڪسر ڪونه ڇڏينداسون. انشاءَ الله تعالى اُهو ڏينهن پري ڪونهي جو ضلعي وار سگهڙن جا ڪتاب منظر عام تي اچي ويندا، مون پنهنجي حال آهر حال حيات ضلعي خيرپور جي سگهڙن جو فن مختصر طور هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو آهي ته جيئن سڀني سگهڙ ساٿين کي شامل ڪريان، اُن کان سواءِ ڪي سگهڙن جا نالا مون کان رهجي به ويا هوندا، پر جيڪڏهن ڪجهه سگهڙ شامل نه ٿي سگهيا هجن ته ڪنهن حوالي سان اُنهن پنهنجو سهڪاري هٿ نه ڊگهيريو هوندو، يا وري اُهي نالا رهجي ويا هوندا، جيڪي صرف نالي ۾ سگهڙ هوندا.“
ڪتاب ۾ يعقوب علي زرداري صاحب جا لکيل ٻه اکر به شامل ڪيا ويا آهن، جيڪو ان وقت پاڪستان ريلويز سکر جو ڊويزنل سپرنٽينڊنٽ هو.
ڪتاب ۾ مختصر تعارف سان گڏ سگهڙ جو چونڊ ڪلام پڻ ڏنو ويو آهي. ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي مختيار ملڪ سگهڙ عبدالرحمٰن جو تعارف لکيو آهي
Sughar organization ؛39.61.137.248 16:42, 17 سيپٽمبر 2024 ( يو.ٽي.سي)