مواد ڏانھن هلو

بحث:بمبئي بيڪري

صفحي جو مواد ٻين ٻولين ۾ سپورٽ نہ ڪيو ويو آھي.
موضوع شامل ڪريو
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آخري تبصرو: عنوان بمبئي بيڪري جو ڪيڪ وڪيپيڊيا کي ڪير کارائيندو؟ ۾، 6 مهينا پهرين، JogiAsad پاران ڪيو ويو

بمبئي بيڪري جو ڪيڪ وڪيپيڊيا کي ڪير کارائيندو؟

[سنواريو]

اي وڪيپيڊيا جا گهوٽو! ​وڪيپيڊيا جو ھي مضمون "بمبئي بيڪري" وڪيپيڊيا تي ته لکيل آهي، پر ويچارو ائين پيو لڳي ڄڻ بنا کنڊ جي چانهه! دنيا ڪيڪ کائي کائي ڍؤ ڪري وئي ۽ اسان وٽ مضمون ۾ ڏيکارڻ لاءِ هڪ فوٽو به ڪونهي؟ ​هاڻي ڪو ته اهڙو مڙس ماڻھو ٿئي جيڪو حيدرآباد جي ٿڌي هوا کائيندي، قاسم آباد يا ڪينٽ مان ٿيندو وڃي بمبئي بيڪريءَ جي قطار ۾ بيهي. ڪيڪ وٺي، ان جو فوٽو ڪڍي وڪيپيڊيا کي کارائي (مطلب اپلوڊ ڪري) ۽ باقي پاڻ کائي اسان کي دعائون ڏي! ​ياد رکجو، فوٽو پنهنجو هجي، گوگل تان کنيل نه... نه ته وڪيپيڊيا وارا ڪاپي رائٽ جي لٺ کڻي پويان پوندا. توهان جي هڪ فوٽو سان وڪيپيڊيا جي ھن مضمون کي چار چنڊ لڳي ويندا ۽ وڪيپيڊيا جو وات "مٺو" به ٿي ويندو. ھاڻي ڏسجي ته ڪير ٿو اڳتي وڌي؟💁🫵🤗😎 جوڳي اسد راڄپر  ڳالھ 07:27, 26 مارچ 2026 ( يو.ٽي.سي)ورندي ڏيو