بجلي جو جنريٽر

بجلي جي پيداوار ۾، جنريٽر (Generator)، جنهن کي بجلي جو جنريٽر (Electric Generator) ۽ برقناطيسي جنريٽر پڻ سڏيو ويندو آهي، هڪ برقي ميڪانياتي مشين آهي، جيڪا ميڪاني توانائي کي برقي توانائي ۾ تبديل ڪري ٿي. [1] [2] بجلي جي جنريٽر ۾، حرڪي طاقت جو ھڪ ذريعو جنريٽر جي شافٽ کي، جيڪو هڪ مقناطيسي ميدان سان ڍڪيل هوندو آهي کي گھمائيندو آھي، جن جي ڪارڻ شافٽ ۾ ھڪ برقي ڪرنٽ پيدا ٿيندو آهي، جن کي آئوٽ پُٽ ٽرمينلز جي ذريعي، اها ڪرنٽ هڪ خارجي سرڪٽ تي منتقل ڪيو ويندو آهي، جيڪو تي هلندڙ آلن کي طاقت ڏيندو آھي.
جنريٽر جي شافٽ کي گهمائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ميڪاني توانائي جي ذريعن ۾، اسٽيم ٽربائن، گيس ٽربائن، واٽر ٽربائن، اندروني ڪمبشن انجڻ ۽ ونڊ ٽربائن شامل آهن. جنريٽر دنيا جي بجلي گرڊ لاءِ تقريبن سموري بجلي پيدا ڪندا آهن. پهريون برقي مقناطيسي جنريٽر، فيراڊي ڊسڪ، 1831ع ۾ برطانوي سائنسدان مائيڪل فيراڊي پاران ايجاد ڪيو ويو هو.
برقي توانائي جو ميڪاني توانائي ۾ تبديلي، هڪ الٽي عمل ي برقي موٽرن ۾ برقي توانائي کي ميڪاني توانائي ۾، هڪ الٽي عمل ذريعي، تبديل ڪيو ويندو آهي ۽ ان لحاظ کان بجلي جي موٽر ۽ جنريٽر تمام گهڻي هڪجهڙائي رکندا آهن. ڪجھ موٽرن کي، جنريٽر طور استعمال ڪري سگھجي ٿو، جئين هنن کي پوئتي عمل ۾ انهن جي شافٽ کي گھمائي، بجلي پيدا ڪئي سگهي ٿي.
بجلي پيدا ڪن لاء برقي ميڪاني جنريٽرن جي عام استعمال کان علاوه، جنريٽر جي اصطلاح فوٽووولٽڪ سيل، فيول سيل ۽حرڪي مقناطيسي ( ميگنيٽو هائيڊروڊائنامڪ) طاقتور مشينن لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪيون بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ترتيب وار شمسي توانائي ۽ ڪيميائي ايندھن استعمال ڪنديون آهن.
تفصيل
[سنواريو]ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ Sahdev, S. K. (2018). Electrical Machines. Cambridge University Press. pp. 48. ISBN 9781108431064. https://www.google.com/books/edition/Electrical_Machines/nk9bDwAAQBAJ.
- ↑ Kamm, Lawrence J. (1995). Understanding Electro-Mechanical Engineering: An Introduction to Mechatronics. John Wiley and Sons. pp. 67. ISBN 9780780310315. https://books.google.com/books?id=_8FrB5pMYQQC.