باگو فقير
باغو فقير/ -باگو فقير-:هيءُ ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ هڪڙو -امير- هو. سندس پيءُ جو نالو مرزو فقير هو، جيڪو -بهادر- شخص هو ۽ سلطانِ -جنگ- جو لقب مليل هيس. ميان صادق علي خان ڪلهوڙو سنڌ جي گاديءَ تي هو. ميان عبدالنبي، حڪومت هٿ ڪرڻ لاءِ قلات جي خان ۽ -جوڌپور- جي راجا کان مدد وٺي آيو. تڏهن مرزو فقير ۽ سندس پٽ باغو فقير، لشڪر گڏ ڪري راجپوتن سان وڙهيا ۽ کين ڀڄائي ڪڍيائون. 1196ھ/1781ع ۾ هالاڻيءَ جي -جنگ- لڳي ته -باغي- فقير ڏاڍي بهادري ڏيکاري. وري جڏهن ميان عبدالنبي، تيمور شاهه جي لشڪر کي چاڙهي وٺي آيو تڏهن به -باغي- فقير -ان- لشڪر کي شڪست ڏيئي ڀڄائي ڇڏيو.[1] باغه يا باگو فقير ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ هڪڙو امير هو. هن جي پيءُ جو نالو مرزو فقير هو، جو بهادر شخص هو ۽ سلطان جنگ جو لقب مليل هوس. جڏهن ميان صادق علي خان ڪلهوڙو سنڌ جي گاديءَ تي هو۽ مير عبدالله خان ٽالپر سندس وزير هو، تڏهن ميان عبدالنبي ڪلهوڙو جو ڀڄي ويو هو، سو قلات جي خان کان لشڪر جي مدد وٺي ڪاهي آيو، ۽ اڀرندي کان وري جوڌپور جو راجا ڪاهي آيو. مير عبدالله خان ميان جي طرفان سپه سالار ٿي انهن کي سامهون ٿيڻ لڳو. مرزو فقير سلطان جنگ ۽ سندس پٽ باغو فقير نظاماڻي ۽ جمالي ۽ لغاري ماڻهن جو لشڪر گڏ ڪري وڃي وڙهيا ۽ راجپوتن کي شڪست ڏنائون. تنهن کان پوءِ وري چالڪ جي پُل وٽ ميان عبدالنبيءَ سان جنگ ٿي، جنهن ۾ پڻ اهي ئي پيءُ پٽ وڙهيا ۽ قلات جي لشڪر کي شڪست آئي. وري جڏهن مدد خان پٺاڻ ڪاهي آيو ۽ مير عبدالله ۽ مير فتح خان اُن سان وڙهڻ جي نسبت ۾ همراءِ نه ٿيا ۽ انهي ڪري مير فتح خان رُسي عمرڪوٽ ڏي هليو ويو، تڏهن باغو فقير به اُن سان ويو، جو سندس لشڪر جو مهندار هو. وري جڏهن مير عبدالله کان پوءِ مير فتح علي خان ميان عبدالنبيءَ سان وڙهڻ لاءِ نڪتو، تڏهن مير فتح خان به هن سان شامل ٿيو ۽ باغو فقير سندس لشڪر جو سردار هو ۽ سگهوئي سنه 1196ھ ۾ هالائيءَ جي جنگ لڳي، جنهن ۾ باغي فقير ڏاڍي بهادري ڏيکاري ۽ آخر بلوچن جي فتح ٿي. ٻئي سال ۾ ميان عبدالنبي ديرن ڏي ڀڄي ويو، پر نومڙين يا نهمردين اڳي جيڪا ميان عبدالنبيءَ کي مدد ڪئي هئي تنهن جي لاءِ هنن کي سزا ڏيڻ واسطي باغو فقير ٻن سون ٻيڙين تي پار لنگهي ٿي ويو ته اُهي ڊپ کان پيش پيا ۽ باغي فقير هنن کي مير کان معافي وٺي ڏني. وري جڏهن تيمور شاهه بادشاهه عبدالنبيءَ جي عرض ڪرڻ تي سندس لاءِ لشڪر موڪليو، تڏهن مير فتح علي خان انهيءَ سان وڙهڻ جي ڪئي ۽ باغو فقير به انهيءَ سان هو، ۽ انهيءَ کي شڪست ڏنائين.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ {{http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%D8%A7%DA%AF%D9%88%20%D9%81%D9%82%D9%8A%D8%B1}}
- ↑ قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو