مواد ڏانھن هلو

باوچي رياست

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
باوچي رياست
رياست
Bauchi State
Seal of Bauchi State
Nickname: 
سياحت جو موتي
نائيجيريا جي نقشي ۾ باوچي رياست هائي لائٽ ڪيل
نائيجيريا جي نقشي ۾ باوچي رياست هائي لائٽ ڪيل
Coordinates: 10°30′N 10°00′E / 10.500°N 10.000°E / 10.500; 10.000
ملڪ نائجيريا
قائم ٿئي3 فيبروري، 1976ع
رياستي راڄڌانيباوچي شهر
Government
  Bodyرياست باوچي جي حڪومت
  گورنربالا محمد (PDP)
  ڊپٽي گورنراووال جتاو (PDP)
  قانون سازباوچي رياست جي اسيمبلي
  سينيٽر
  • عبدالله احمد نيگي
  • ادامو محمد بلڪا چووا
  • لاول يحيي گماو
  نمائندا (قومي اسيمبلي جا ميمبر)نمائندن جي فهرست
Area
  Total
45,893 km2 (17,719 sq mi)
  Rank36 رياستن مان پنجون
Population
 (2006ع)
  Total
4,676,465
  Estimate 
(2022ع)
8,308,800[1]
  Rank7هون
  Density101.90/km2 (263.92/sq mi)
GDP (PPP)
  سال2021ع
  ڪل$17.01 billion[2]
22nd of 36
  Per capita$2,194[2]
29th of 36
Time zoneUTC+01 (اولهه آفريڪا معياري وقت)
Postal code
740001
Dialing Code+234
ISO 3166 codeNG-BA
HDI (2022)0.372[3]
low · 35th of 37
Websitewww.bauchistate.gov.ng

باؤچي (فولا: 𞤤𞤫𞤴𞤣𞤭 𞤦𞤢𞤵𞤷𞥅𞤭: ليدي باؤچي) نائيجيريا جي اتر-اوڀر جيوپولٽيڪل زون ۾ هڪ رياست آهي. ان جي سرحد اتر ۾ جيگاوا، اتر اوڀر ۾ يوبي، اوڀر ۾ گومبي، ڏکڻ ۾ تارابا ۽ پليٽو، اولهه ۾ ڪدونا ۽ اتر اولهه ۾ ڪانو سان ملن ٿيون. ان جو نالو تاريخي شهر باؤچي تان ورتو ويو آهي، جيڪو ان جي گاديءَ جو هنڌ پڻ آهي. رياست سال 1976ع ۾ ٺهي هئي، جڏهن اڳوڻي اتر-اوڀر رياست کي ٽوڙيو ويو هو. ان ۾ اصل ۾ اهو علائقو به شامل هو جيڪو هاڻي گومبي رياست آهي، جيڪو سال 1996ع ۾ هڪ الڳ رياست بڻجي ويو.

باؤچي رياست ايراضيءَ ۽ آبادي، ٻنهي لحاظ کان نائيجيريا جي پنجين نمبر وڏي ۽ رياست آهي، جنهن جي آبادي 2022ع تائين اندازاً 83,08,800 کان وڌيڪ آهي.[4] رياست جاگرافيائي طور تي، ڏکڻ ۾ اولهه سوڊاني سوانا ۽ اتر ۾ خشڪ، نيم ريگستاني اولهه سوانا جي وچ ۾ ورهايل آهي، جنهن ۾ ڏکڻ اولهه ۾ جبل جوس پليٽيو جو هڪ ننڍڙو حصو به شامل آهي.[5] رياست جي منظرنامي جي هڪ اهم ممتاز خاصيت يانڪاري نيشنل پارڪ آهي، جيڪو ڏکڻ باؤچي رياست ۾ هڪ وڏو جهنگلي جيوت پارڪ آهي جنهن ۾ پاڻي جي هرڻ، ڀَنسَ، پٽاس بندر، دريائي گھوڙي ۽ ٻارهن سڳن واري هرڻن جي وڏي آبادي شامل آهي، انهي سان گڏ نائيجيريا جي آخري بچيل، اولهه آفريڪي شينهن، اولهه آفريڪي بگھڙ ۽ آفريڪي جهنگ جي هاٿي جي آبادي پڻ شامل آهي.[6]

جيڪو هاڻي باؤچي رياست آهي اهو علائقو ڪيترن ئي نسلي گروهن پاران آباد ڪيو ويو آهي، جن ۾ مرڪزي علائقي ۾ بوليوا، بوتاوا ۽ وارجي؛ اتر ۾ فولاني، ڪانوري، ۽ ڪرائي-ڪرائي؛ باؤچي شهر ۽ ان جي چوڌاري بانڪل، جاڪو ۽ گيراوا؛ ڏکڻ ۾ زار ۽ گواڪ؛ ڏکڻ اوڀر ۾ ڊگوراوا؛ ۽ ڏکڻ اولهه ۾ جاراوا شامل آهن. مذهبي طور تي، رياست جي آبادي جو وڏو حصو، 80 سيڪڙي کان وڌيڪ مسلمان آهي، عيسائي 15 سيڪڙو ۽ روايتي مذهب 5 سيڪڙو آهن.

هڪ وڏي زراعت تي ٻڌل رياست جي حيثيت سان، باؤچي جي معيشت جزوي طور تي چوپائي مال ۽ پوکون، جهڙوڪ ڪپهه، مونگ ڦلي، باجري، ٽماٽن ۽ يام جي فصل تي ڀاڙي ٿي. جديد آبپاشي منصوبن سان گڏ زرعي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي. ٻين صنعتن ۾ غذائي شيئن جي پروسيسنگ ۽ پيڪنگ جي صنعت، ٽن ۽ ڪولمبائيٽ جي کاڻ کوٽائي ۽ سياحت (يانڪاري نيشنل پارڪ ۽ گرم چشمن جي) شامل آهن.[7]

تاريخ

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Bauchi State: Subdivision". www.citypopulation.de. Retrieved 2024-02-05.
  2. 1 2 Okeowo, Gabriel; Fatoba, Iyanuoluwa, eds. (2022-10-13). "State of States 2022 Edition" (PDF). Budgit.org. BudgIT. Retrieved 2023-03-07.
  3. "Sub-national HDI - Area Database - Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org (in انگريزي). Retrieved 2018-09-13.
  4. "Bauchi (State, Nigeria) - Population Statistics, Charts, Map and Location". www.citypopulation.de. Retrieved 2024-07-06.
  5. "Bauchi | state, Nigeria | Britannica". www.britannica.com (in انگريزي). Retrieved 2022-02-27.
  6. "Yankari Game Reserve". WCS Nigeria. Retrieved 14 December 2021.
  7. "Bauchi - state, Nigeria". britannica.com. Archived from the original on 18 October 2014. Retrieved 14 December 2021.