باوچي رياست
باوچي رياست | ||
---|---|---|
رياست | ||
Bauchi State | ||
| ||
سانچو:Pluralize from text: سياحت جو موتي سانچو:Pluralize from text | ||
![]() نائيجيريا جي نقشي ۾ باوچي رياست هائي لائٽ ڪيل | ||
جاگرافي بيهڪ: 10°30′N 10°00′E / 10.500°N 10.000°E | ||
ملڪ | ![]() | |
قائم ٿئي | 3 فيبروري، 1976ع | |
رياستي راڄڌاني | باوچي شهر | |
Government | ||
• Body | رياست باوچي جي حڪومت | |
• گورنر | بالا محمد (PDP) | |
• ڊپٽي گورنر | اووال جتاو (PDP) | |
• قانون ساز | باوچي رياست جي اسيمبلي | |
• سينيٽر | * عبدالله احمد نيگي
| |
• نمائندا (قومي اسيمبلي جا ميمبر) | نمائندن جي فهرست | |
Area | ||
• Total |
45,893 ڪ.م2 (17,719 ميل2) | |
• Rank | 36 رياستن مان پنجون |
باؤچي (فولا: 𞤤𞤫𞤴𞤣𞤭 𞤦𞤢𞤵𞤷𞥅𞤭: ليدي باؤچي) نائيجيريا جي اتر-اوڀر جيوپولٽيڪل زون ۾ هڪ رياست آهي. ان جي سرحد اتر ۾ جيگاوا، اتر اوڀر ۾ يوبي، اوڀر ۾ گومبي، ڏکڻ ۾ تارابا ۽ پليٽو، اولهه ۾ ڪدونا ۽ اتر اولهه ۾ ڪانو سان ملن ٿيون. ان جو نالو تاريخي شهر باؤچي تان ورتو ويو آهي، جيڪو ان جي گاديءَ جو هنڌ پڻ آهي. رياست سال 1976ع ۾ ٺهي هئي، جڏهن اڳوڻي اتر-اوڀر رياست کي ٽوڙيو ويو هو. ان ۾ اصل ۾ اهو علائقو به شامل هو جيڪو هاڻي گومبي رياست آهي، جيڪو سال 1996ع ۾ هڪ الڳ رياست بڻجي ويو.
باؤچي رياست ايراضيءَ ۽ آبادي، ٻنهي لحاظ کان نائيجيريا جي پنجين نمبر وڏي ۽ رياست آهي، جنهن جي آبادي 2022ع تائين اندازاً 83,08,800 کان وڌيڪ آهي.[4] رياست جاگرافيائي طور تي، ڏکڻ ۾ اولهه سوڊاني سوانا ۽ اتر ۾ خشڪ، نيم ريگستاني اولهه سوانا جي وچ ۾ ورهايل آهي، جنهن ۾ ڏکڻ اولهه ۾ جبل جوس پليٽيو جو هڪ ننڍڙو حصو به شامل آهي.[5] رياست جي منظرنامي جي هڪ اهم ممتاز خاصيت يانڪاري نيشنل پارڪ آهي، جيڪو ڏکڻ باؤچي رياست ۾ هڪ وڏو جهنگلي جيوت پارڪ آهي جنهن ۾ پاڻي جي هرڻ، ڀَنسَ، پٽاس بندر، دريائي گھوڙي ۽ ٻارهن سڳن واري هرڻن جي وڏي آبادي شامل آهي، انهي سان گڏ نائيجيريا جي آخري بچيل، اولهه آفريڪي شينهن، اولهه آفريڪي بگھڙ ۽ آفريڪي جهنگ جي هاٿي جي آبادي پڻ شامل آهي.[6]
جيڪو هاڻي باؤچي رياست آهي اهو علائقو ڪيترن ئي نسلي گروهن پاران آباد ڪيو ويو آهي، جن ۾ مرڪزي علائقي ۾ بوليوا، بوتاوا ۽ وارجي؛ اتر ۾ فولاني، ڪانوري، ۽ ڪرائي-ڪرائي؛ باؤچي شهر ۽ ان جي چوڌاري بانڪل، جاڪو ۽ گيراوا؛ ڏکڻ ۾ زار ۽ گواڪ؛ ڏکڻ اوڀر ۾ ڊگوراوا؛ ۽ ڏکڻ اولهه ۾ جاراوا شامل آهن. مذهبي طور تي، رياست جي آبادي جو وڏو حصو، 80 سيڪڙي کان وڌيڪ مسلمان آهي، عيسائي 15 سيڪڙو ۽ روايتي مذهب 5 سيڪڙو آهن.
هڪ وڏي زراعت تي ٻڌل رياست جي حيثيت سان، باؤچي جي معيشت جزوي طور تي چوپائي مال ۽ پوکون، جهڙوڪ ڪپهه، مونگ ڦلي، باجري، ٽماٽن ۽ يام جي فصل تي ڀاڙي ٿي. جديد آبپاشي منصوبن سان گڏ زرعي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي. ٻين صنعتن ۾ غذائي شيئن جي پروسيسنگ ۽ پيڪنگ جي صنعت، ٽن ۽ ڪولمبائيٽ جي کاڻ کوٽائي ۽ سياحت (يانڪاري نيشنل پارڪ ۽ گرم چشمن جي) شامل آهن.[7]
تاريخ
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "Bauchi State: Subdivision". www.citypopulation.de. حاصل ڪيل 2024-02-05.
- ↑ 2.0 2.1 Okeowo, Gabriel; Fatoba, Iyanuoluwa, وڪي نويس. (2022-10-13). "State of States 2022 Edition" (PDF). Budgit.org. BudgIT. حاصل ڪيل 2023-03-07.
- ↑ "Sub-national HDI - Area Database - Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org. حاصل ڪيل 2018-09-13.
- ↑ "Bauchi (State, Nigeria) - Population Statistics, Charts, Map and Location". www.citypopulation.de. حاصل ڪيل 2024-07-06.
- ↑ "Bauchi | state, Nigeria | Britannica". www.britannica.com. حاصل ڪيل 2022-02-27.
- ↑ "Yankari Game Reserve". WCS Nigeria. حاصل ڪيل 14 December 2021.
- ↑ "Bauchi - state, Nigeria". britannica.com. وقت 18 October 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 14 December 2021. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد)
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- صفحا جنم ۾ غير-انگي فارميٽ.نم آرگيومينٽ آھي
- غيرمددي پيراميٽر سان حوالا تي مشتمل صفحا
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates on Wikidata
- سانچا
- نائيجيريا
- نائيجيريا جي رياستون