مواد ڏانھن هلو

باولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هڪ قسم جو کُوهه، جنهن ۾ هيٺ لهڻ لاءِ ڏاڪڻ ٺهيل هجي. سنڌ ۾ ڪن هنڌن تي باوليون ٺهيل هيون، جيڪي هن وقت سم جي ڪري تباهه ٿي ويون آهن. موجوده وقت ۾ نموني طور هڪڙي -باوِلي- اڃا تائين قائم آهي. ٿي سگهي ٿو ته ٻين هنڌن تي به صحيح سلامت هجن، پر ننگر -ٺٽي- ۾ مڪلي ٽڪريءَ تي سيد ابراهيم شاهه سجاوليءَ جي ٺهرايل -باوِلي- ۽ -بنگلو- اڃا سلامت آهن. باوِليءَ ۾ ويڪري مُنهن وارو کوهه يا واٽ به ٿئي. کوهه جي -تري- تائين وڃڻ لاءِ پاسي کان گولائيءَ ۾ ڏاڪڻ ٺهيل هوندي آهي، جنهن -تان- لهي پاڻيءَ تائين پهچبو آهي. باوِليءَ مان ڀُوڻ ذريعي يا رسي سان -پاڻي- ڪونه ڀربو، پر هيٺ لهي وڃي -پاڻي- ڀربو آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]