مشهور قصو، جيڪو شاعر ڇتي کٽيءَ، 12 صدي هجريءَ جي وچ ڌاري ڊگهن سنڌي بيتن ۾ چيو ۽ پوءِ 13 صديءَ جي شروع ڌاري لس ٻيلي جي شاعر شيخ ابراهيم ’قصو شاهه -بهرام گور- ۽ حسن بانوءَ‘ جي عنوان سان سنڌي بيتن ۾ جوڙيو. هن قصي تي جدا جدا شاعرن جا بيتن ۾ ٺاهيل قصا، وقت بوقت پئي ڇپيا آهن.[1]