مواد ڏانھن هلو

بانٽو ٻوليون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بانٽو
تنگ بنتو
قوميتبنتو قومون
علائقائي
ورهاست
وچ آفريڪا، اوڀر آفريڪا، ڏاکڻي آفريڪا، ڏاکڻي صوماليا، ڏکڻ اوڀر آفريڪا
ٻولي واري درجابندينائجر۔ڪانگو
  • ائٽلانٽڪ-ڪانگو
    • وولٽا-ڪانگو
      • بينيو-ڪانگو
        • بانٽوئيڊ
          • بانٽو
پورٽو-ٻوليپروٽو-بانٽو
شاخون
  • زونز A-S (جاگرافي).
  • ايمبام-بيبئ
  • منينگوبا
  • ساوابانتو
  • باسا
  • بافيا
  • بيٽئ
  • ماکا-اينجيم
  • ڪيلي- ٽسوگو
  • ٽيڪ-ايمبيڊئ
  • ايم بوشئ-بوجا
  • بانگئ-ٽيٽيلا
  • ايمبول-اينيا
  • ليگا-بنجا
  • بوان
  • ليبونيا
  • نانگا-بوئ
  • اتر اوڀر بانٽو
  • ٽونگوئ-بينڊئ
  • ايمبگوئ-رنگي
  • ڪلومبرو
  • ڪانگو-ياڪا
  • سيرا
  • ڪيمبنڊو
  • چوڪوئ-لوچازي
  • لوئيانا
  • ايم بڪوشو
  • پينڊئ
  • لبانئ
  • لُنڊا
  • رڪوئ
  • سبي-بوٽاٽويبئ
  • نياتورو
  • نيلمبا
  • اسانزو
  • نيسا
  • روفيجي-رووما
  • اُمبنڊو
  • ڪاوانگو-ڏکڻ اولهه بانٽو
  • جيئي
  • شونا
  • ڏاکڻي بانٽو
ISO 639-2 / 5bnt
گلوٽو لاگ narr1281[1]
{{{mapalt}}}
  Bantu languages shown within the Niger–Congo language family. Non-Bantu, but Niger-Congo, languages are greyscale.

بانٽو ٻوليون (Bantu Languages يا bantʊ̀) ٻولين جو هڪ خاندان يا وري تجويز ڪيل نائجر-ڪانگو ٻوليءَ جي خاندان جي هڪ شاخ آهي,[2] [3] جن ۾ تقريباً 600 ٻوليون شامل آهن. اهي وچ، ڏکڻ، اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر آفريڪا جي بانٽو ماڻهن پاران ڳالهايون وڃن ٿيون. اهي ڏکڻ بانٽوئيڊ (Southern Bantoid) ٻولين جي سڀ کان وڏي شاخ ٺاهين ٿيون.

بانٽو ٻولين جو ڪل تعداد 440 کان 680 جي وچ ۾ اندازو لڳايو ويو آهي، جنهن جو دارومدار ٻولي ۽ لهجي" جي وچ ۾ فرق جي تشريح تي آهي. [4] ڪيتريون ئي بانٽو ٻوليون هڪ ٻئي مان لفظ مستعار وٺنديون آهن ۽ ڪجهه ٻوليون اهڙيون آهن جن کي ڳالهائيندڙ هڪ ٻئي جي ڳالهه سمجهي سگهن ٿا (يعني اهي باهمي طور تي سمجهڻ جوڳيون آهن).[5] ڪجهه ٻوليون تمام گهٽ ماڻهن پاران ڳالهايون وڃن ٿيون؛ مثال طور، 2007 ۾ اندازو لڳايو ويو هو ته ڪابوا (Kabwa) ٻولي صرف 8,500 ماڻهو ڳالهائين ٿا، پر ان کي هڪ الڳ ٻولي طور تسليم ڪيو ويو.[6]

سال 2015 ۾ بانٽو ٻوليون ڳالهائيندڙن جو ڪل تعداد تقريباً 35 ڪروڙ هو, جيڪو آفريڪا جي آبادي جو تقريباً 30 سيڪڙو يا دنيا جي آبادي جو 5 سيڪڙو آهي.[7] بانٽو ٻوليون گهڻو ڪري ڪيمرون جي ڏکڻ اوڀر، ۽ وچ، ڏکڻ، اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر آفريڪا ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون. بانٽو ڳالهائيندڙن جو تقريباً ڇهون حصو، ۽ بانٽو ٻولين جو ٽيون حصو، ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو (DRC) ۾ موجود آهي.

ڳالهائيندڙن جي تعداد جي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ بانٽو ٻولي سواحلي ٻولي (Swahili) آهي، جنهن جا هڪ ڪروڙ 60 لک مادري ڳالهائيندڙ ۽ 8 ڪروڙ ٻي ٻولي طور ڳالهائيندڙ موجود آهن (2015 جي انگن اکرن مطابق).[8] سواحلي ٻولي جا اڪثر مادري ڳالهائيندڙ تنزانيا ۾ رهن ٿا، جتي اها قومي ٻولي آهي؛ جڏهن ته ٻي ٻوليءَ طور، اها اوڀر آفريڪا جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ لازمي مضمون طور سيکاري وڃي ٿي ۽ اوڀر آفريڪي ڪميونٽي جي رابطي واري ٻولي (lingua franca) آهي.

ٻين اهم بانٽو ٻولين ۾ لنگالا ٻولي شامل آهي جنهن جا 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ڳالهائيندڙ آهن (ڪانگو)، ان کان پوءِ زولو ٻولي آهي جنهن جا هڪ 35 لک ڳالهائيندڙ آهن (ڏکڻ آفريڪا)، هائوسا جنهن جا 8 ڪروڙ 20 لک ڳالهائيندڙ آهن (ڏکڻ آفريڪا ۽ زمبابوي) ۽ شونا ٻولي جنهن جا هڪ ڪروڙ کان گهٽ ڳالهائيندڙ آهن (جيڪڏهن مانيڪا ۽ نڊائو کي ان ۾ شامل ڪيو وڃي)؛ جڏهن ته سوتو-تسوانا ٻولين (سوتو، تسوانا ۽ پيڊي) جا هڪ ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ڳالهائيندڙ آهن (بوٽسوانا، ليسوٿو، ڏکڻ آفريڪا ۽ زيمبيا ۾). زمبابوي ۾ ڪالانگا، مٽيبيل، نامبيا ۽ هائوسا ڳالهائيندڙ موجود آهن.[9][10] ايٿنولوگ (Ethnologue) ڪنياروانڊا (Kinyarwanda) ۽ ڪرونڊي (Kirundi) کي الڳ الڳ ڳڻي ٿو، جيتوڻيڪ اهي ٻوليون گهڻي حد تائين هڪ ٻئي لاءِ سمجھڻ جوڳيون آهن ۽ جن جا مجموعي طور تي 2 ڪروڙ ڳالهائيندڙ آهن.[11]


حوالا

[سنواريو]
  1. ↑ Hammarström, Harald; Forkel, Robert; Haspelmath, Martin; Bank, Sebastian, مرتب (2016). "Narrow Bantu". Glottolog 2.7. Jena: Max Planck Institute for the Science of Human History. {{cite book}}: External link in |chapterurl= (مدد); Unknown parameter |chapterurl= ignored (|chapter-url= suggested) (مدد)
  2. ↑ سانچو:Cite LPD
  3. ↑ سانچو:Cite EPD
  4. ↑ "Guthrie (1967–71) names some 440 Bantu 'varieties', Grimes (2000) has 501 (minus a few 'extinct' or 'almost extinct'), Bastin et al. (1999) have 542, Maho (this volume) has some 660, and Mann et al. (1987) have c. 680." Derek Nurse, 2006, "Bantu Languages", in the Encyclopedia of Language and Linguistics, p. 2. :Ethnologue report for Southern Bantoid" آرڪائيو ڪيا ويا 2012-10-16 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. lists a total of 535 languages. The count includes 13 Mbam languages, which are not always included under "Narrow Bantu".
  5. ↑ McWhorter, J. 2001. The Power of Babel (pp. 81–82). New York: Freeman-Times-Henry Holt.
  6. ↑ Overton, Rebekah; Walker, John B.; Robinson, Holly (2017a). Kabwa orthography statement (انگريزي ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 2022-12-09 تي محفوظ ڪيل. 2024-02-16 تي حاصل ڪيل. {{cite book}}: |newspaper= ignored (مدد)
  7. ↑ Total population cannot be established with any accuracy due to the unavailability of precise census data from Sub-Saharan Africa. A number just above 200 million was cited in the early 2000s (see Niger-Congo languages: subgroups and numbers of speakers for a 2007 compilation of data from SIL Ethnologue, citing 210 million). Population estimates for the region of West-Central Africa were recognized as significantly too low by the United Nations Department of Economic and Social Affairs in 2015 ("World Population Prospects: The 2016 Revision – Key Findings and Advance Tables" (PDF). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. July 2016. اصل نسخو (PDF) مان 26 June 2019 تي محفوظ ڪيل. 26 June 2017 تي حاصل ڪيل.). Population growth in Central-West Africa as of 2015 is estimated at between 2.5% and 2.8% p.a., for an annual increase of the Bantu population by about 8 to 10 million.
  8. ↑ "Swahili" آرڪائيو ڪيا ويا 2018-08-08 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Ethnologue (18th ed., 2015): "47,000,000 in Tanzania, all users. L1 users: 15,000,000 (2012), increasing. L2 users: 32,000,000 (2015 D. Nurse). Total users in all countries: 98,310,110 (as L1: 16,010,110; as L2: 82,300,000)."
  9. ↑ Zimbabwe, AmaXhosa (2021). AmaXhosa. https://gal-dem.com/xhosa-people-of-zimbabwe-indigenous-south-africans-displaced-by-colonialism/. Retrieved 2023-07-20. آرڪائيو ڪيا ويا 2023-07-20 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  10. ↑ "Ethnologue: Shona". محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 2016-12-28 تي محفوظ ڪيل. 2017-03-06 تي حاصل ڪيل.
  11. ↑ "Statistical Summaries". Ethnologue. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 2013-02-02 تي محفوظ ڪيل. 2012-06-29 تي حاصل ڪيل.

ٻاهرين ڳنڍڻا

[سنواريو]

سانچو:Narrow Bantu languages سانچو:Bantu سانچو:Niger-Congo branches