مواد ڏانھن هلو

بالود ضلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بالود ضلعو
ڪپلئشور شيو مندر، راجهاڙا ٻيلو ۽ جبل
ملڪ ڀارت
رياستڇتيس ڳڙھ
ڊويزندرگ
هيڊڪوارٽربالود
ايراضي
• ڪُل3,527 چورس ڪلوميٽر (1,362 چورس ميل)
آبادي
 (2011)[1]
• ڪل826165
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
آبادي جا انگ اکر
وقتي علائقوUTC+05:30 (آءِ ايس ٽي)
ويب سائيٽbalod.gov.in

بالود ضلعو ڇتيس ڳڙھ رياست جو هڪ ضلعو آهي. ان جو هيڊڪوارٽر بالود ۾ آهي. هن ضلعي ۾ ضلع ۽ سيشن عدالت پڻ آهي، جيڪا 2 آڪٽوبر 2013ع تي جسٽس سنيِل ڪمار سنھا افتتاح ڪئي. ديپڪ ڪمار تيواري بالود جو پهريون ضلع ۽ سيشن جج مقرر ٿيو.

انتظاميا

[سنواريو]

بالود ۾ پهريون ڪليڪٽر امرِت کهالڪو هو، ۽ پهريون اي۔ايس۔پي. ڊي۔ايل. منهر هو.

ورهاستون

[سنواريو]

هن ضلعي ۾ 7 تَحصيل آهن.[2]

  1. بالود
  2. ڊونڊي
  3. ميري بنگلو ديوري
  4. ڊونڊي لوهارا
  5. ارجونڊا
  6. گوندرديهي
  7. گُرور

آبادي جا انگ اکر

[سنواريو]
بالود ضلعي ۾ مذهب (2011)[3]
مذهب سيڪڙو
ھندومت
 
93.11%
ٻيو (قبائلي مذهب)
 
4.63%
اسلام
 
0.88%
جين مت
 
0.47%
بدھ مت
 
0.45%
ٻيو يا ڄاڻايل ناھي
 
0.46%
مذهبن جي ورڇ

2011ع جي مردم شماري موجب ضلعي جي آبادي 826,165 آهي، جنهن مان 105,498 (12.77%) شهري علائقن ۾ رهندا آهن. بالود ۾ هر 1000 مردن تي 1021 عورتون آهن. شيڊول ڪاسٽ ۽ شيڊول قبيلن جو حصو ترتيبوار 8.28% ۽ 31.36% آهي.[1]




بالود ضلعي جون ٻوليون (2011)[4]

  ڇتيسڳڙھي (93.07%)
  ھندي (4.88%)
  ٻيون (2.05%)

2011ع جي مردم شماري موجب 93.07% آبادي ڇتيسڳڙھي ۽ 4.88% آبادي ھندي کي پنهنجي پهرين ٻولي طور ڳالهائيندي هئي.[4]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 "District Census Handbook: Durg" (PDF). censusindia.gov.in. Registrar General and Census Commissioner of India. 2011.
  2. "तहसील | District Balod, Government of Chattisgarh | India". balod.gov.in (هندي ۾). اصل نسخو مان 2025-12-16 تي محفوظ ڪيل. 2026-02-15 تي حاصل ڪيل.
  3. "Table C-01 Population by Religion: Chhattisgarh". censusindia.gov.in. Registrar General and Census Commissioner of India. 2011.
  4. 1 2 "Table C-16 Population by Mother Tongue: Chhattisgarh". www.censusindia.gov.in. Registrar General and Census Commissioner of India.

ٻاھريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

سانچو:بالود ضلعو

سانچو:Chhattisgarh-geo-stub