مواد ڏانھن هلو

باغ فردوس، خدابخش لغاري ڳوٺ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ضلعي جيڪب -آباد- ۾ ڳوٺ خدابخش لغاريءَ جي سامهون، محمد شفيع شجري هڪ -باغ- ٺهرايو هو، جيڪو ’-باغ فردوس-‘ نالي سان مشهور آهي. شجري ڪو وقت افغانستان ۽ -ايران- ۾ گذاريو هو. فارسي -ٻولي- اُتان سکي آيو هو. شجري جو لقب به پاڻ تي اُتان رکائي آيو. عام طرح -آغا- شجري سڏيندا هئس. ڪجهه وقت کان پوءِ هن کي -باغ- تيار ڪرڻ جو شوق ٿيو، سو مرحوم محمد امين کوسي کيس پنهنجي ڪڙين جي ڪناري تي هڪ کوهه کڻائي ڏنو ۽ زمين -باغ- لاءِ منظور ڪرائي ڏني. کوهه جو افتتاحي ڪوڏر لپو حضرت پير شيخ عبدالرحمان صاحب ڀرچونڊي شريف واري اچي هنيو ۽ اهڙيءَ طرح هيءُ -باغ- ٺهيو.[1]

حوالا

[سنواريو]