مواد ڏانھن هلو

باغ فردوس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

باغ فردوس انهيءَ ڳوٺ جي عين شاخ اوريان هوندو هو، محمد شفيع شجري نالي هڪ بگٽي هو جنهن ڪو وقت افغانستان ۽ ايران ۾ گذاريو هو، پارسي ٻولي اتان سکي آيو هو، شجري جو اکر به پاڻ تي اتان لکايون آيو، عام طرح ”آغا شجري“سڏيندا هيس، وڏو داناءُ انسان هو، ايران ۽ افغان جون عجيب ڪهاڻيون بيان ڪندو هو، هو چوندو هو ته کيس ٻنهي ملڪن ۾ ڏاڍا تلخ تربا ٿيا هيا، اتان جو هڪ مثال ڏيندو هو ته بس جنهن اڏي تان هلندي هئي ته اول بس اندر ويٺل ماڻهن کان پوليس وارا زوري ڏنڊيون هڻي پيسا وصول ڪري پوءِ بس روانه ٿيڻ جي اجازت ڏيندا هئا، چي; هينئر ”خيرانه ادا ڪيو اٿو سو خير سان روانا ٿيو“ وري ٻي ڪنهن اسٽاپ تي بس پهچندي ته اتي به پوليس وارا چڙهي ايندا ته خيرانه ڏيو، اوهان جي بس جاءِ روانگي کان هن اسٽاپ تائين خير سان پهتي آهي سو ” خيرانه “ ڏيو،اهڙي طرح منزل مقصود تائين پهچندي پهچندي مسافرن کي ڪيترن ئي جاين تي خيرانه ڏيڻو پوندو هو، شجري انهيءَ اسلامي ملڪن ۾ ڪيترا سال رهي بس شوفري ڪئي، جڏهن سالن پڄاڻان وطن وريو ته هتي ڪانگريس ۽ سوراج جوشور ٿي چڪو هو، امين ملت به ان وقت ڪامريڊ هو، هي به اچڻ سان ”امين ملت“ جو سنگتي بڻيو، ”ٽوپلو لاهي گانڌي ٽوپي پائڻ لڳو “.هن کي باغ تيار ڪرڻ جو شوق هو، سو ”امين ملت“ کيس پنهنجي ڪڙين جي ڪناري تي هڪ کوهه کوٽائي ڏنو ۽ زمين باغ لاءِ منظور ڪرائي ڏني، کوهه جو افتتاحي ڪوڏر لپو حضرت پير شيخ عبدالرحمان ڀرچونڊي شريف واري اچي هنيو، بلوچي زبان جو مشهور شاعر ”جدان سال فقير“ ڀرچونڊي شريف جي درگاهه جو فقير هو ۽ شجري جو ماٽيلو ڀاءُ هو، شجري هتي به ڪجهه وقت نواب محراب خان بگٽي ۽ سردار شير محمد خان بجاراڻي جي ڊرائيوري به ڪئي هئي، وڏو داناءُ ماڻهو هو، دلچسپ گفتگو ڪرڻ جو ماهر هو، وقت جي گهرج مطابق گفتگو ڪندو هو، هتان جي وڏن ماڻهن جي خانگي زندگي بابت وڏي ڄاڻ رکندو هو، هي به ڀرچونڊي شريف جو فقير هو، حضرت شيخ ثاني حافظ عبدالله رحمت الله علي جو دست بعيت هو، هي بهادر ۽ داناءُ ماڻهو آخرين وقت ڪنهن ظالم جي ظلم کان ڏاڍو متاثر ٿي عليل ٿي پيو، هڪ رات ڪنڌڪوٽ ۾ انهيءَ زخمي دل هلڻ کان جواب ڏنو، سندس جسد کي صبح ڪانگريس جي جوانن ٽرين ۾ کڻي گهر ڀيڙو ڪيو جتان کيس بگٽي علائقي جي قبائلي قبرستان کٽڻ ۾ وڃي دفن ڪيائون، سندس مرڻ پڄاڻان به انهيءَ ظالم سندس روح کي تڙپائڻ ۾ ڪين گهٽايو، بي ترس کي تر جيترو به ترس ڪو نه آيو، شجري جي روح کي ته ضرور تاءُ آيو هوندو، پوءِ پوين مٽن مائٽن جي دلين ۾ به گهاؤ پئجي ويا هيا.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. نئين ٺل جا پراڻا گل؛از: نظام الدين کوسو؛مھراڻ رسالو؛1992؛جلد،45؛سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو