باغ ضلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
باغ ضلعو
Bagh District

ملڪ: پاڪستان
صوبو: آزاد ڪشمير
ضلعي گاديءَ جو ھنڌ: باغ
ايراضي: 1368 چورس ڪلوميٽر
آبادي: 434,000
ٻولي: پنجابي
تعلقا: 3

باغ پاڪستان جي زير انتظام آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ڏھن ضلعن مان ھڪ آھي۔ ان کي 1988ع ۾ ضلعي پونڇ کان الڳ ڪري جداگانہ ضلعي جي حيثيت ڏني وئي [1]۔ ضلعي باغ جي اتر ۾ ضلعو مظفرآباد، ڏکڻ ۾ ضلعو پونڇ، اولھ ۾ پاڪستان جي صوبي پنجاب ۽ اوڀر ۾ ڀارت جي زير انتظام ڪشمير سان ڳنڍيال آھي۔ ھن ضلعي جي ڪل ايراضي 1368 چورس ڪلوميٽر آھي[2] ۔ ضلعو باغ ٻن شاھراھن جي ذريعي رياست جي گاديء جي ھنڌ مظفرآباد سان ڳنڍيل آھي۔ ھڪ رستو سڌن گلي ۽ ٻيو ڪوھالہ جي  طرف کان اچي ٿو۔ ضلعي صدر مقام باغ شھر آھي جيڪو مظفرآباد کان 100 ڪلوميٽر ۽ راولاڪوٽ کان 46 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آھي۔

2005ع ۾ ڪشمير ۾ اچڻ واري زلزلي ۾ ھي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيڻ وارو علائقو ھو۔

حوالا[سنواريو]