باغي منڊل ڪراچي
باغي- منڊل جي نالي سان هڪ ادبي ادارو، سنڌي ٻوليءَ جي اديبن، شاعرن، موهن پنجابي، شيخ -اياز- ۽ ٻين دوستن 1947ع جي ابتدا ۾ فريئر روڊ ڪراچيءَ ۾ قائم ڪيو. هن اداري پاران پهريون ڪتاب، شيخ -اياز- جي ڪهاڻين جو مجموعو ”سفيد وحشي“ جي نالي سان -اپريل- 1947ع ۾ موهن پنجابيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو. هيءُ ڪتاب ڪرائون سائيز جي 65 صفحن تي مشتمل هو، جنهن جي ابتدا ۾ شيخ -اياز- جو هڪ حقيقت افروز مهاڳ ڏنل آهي. جون 1947ع ۾ ساڳئي اداري پاران شيخ -اياز- جو ترتيب ڏنل موهن پنجابي، شيخ -اياز-، امرلعل پنجواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻين جي ڪهاڻين تي مشتمل ڪتاب ”-اسان جي سنڌ-“ ڇپايو ويو. ڪتاب ”-اسان جي سنڌ-“ ۾ شيخ -اياز- جيڪو فڪري مهاڳ لکيو آهي، -ان- کي پڙهي، سندس -ان- وقت جي ادبي، سماجي، اقتصادي ۽ قومي شعور کي داد ڏيڻو پوي ٿو. -باغي- منڊل جا هي ڪتاب سنڌي -ترقي پسند ادب- جي دنيا ۾ وڏو مقام رکن ٿا.[1]