باسمتي چانور
باسمتي چانور Basmati rice | |
|---|---|
پچائل باسمتي چانور جي ڊش | |
| سائنسي نالو | "اورزا ستيوا" (Oryza sativa)[1] |
| گروپ | باسمتي |
| پوکون | باسمتي سيلا، باسمتي 370[1] |
| اصل وطن | ننڍو کنڊ |
باسمتي (Basmati) ڊگهي، پتلي داڻي واري، خوشبودار چانورن جي هڪ قسم آهي. جيڪا ننڍي مان، خاص طور تي نيپال، سنڌ ۽ پنجاب، پاڪستان ۽ پنجاب، هريانا ۽ ڀارت جي ڪيترن ئي ٻين رياستن ۽ صوبن ۾ ٿيندي آهي.[2] سال 2019ع تائين، ڀارت جو باسمتي چانورن جي بين الاقوامي واپار ۾ حصو 65 سيڪڙو هو، جڏهن ته باقي 35 سيڪڙو پاڪستان جي حصي ۾ آيو.[3] [4] ڪيترائي ملڪ مقامي طور تي پوکيل باسمتي چانورن جي فصلن کي استعمال ڪن ٿا، پر باسمتي چانور جي اصل پوک جاگرافيائي طور تي ڀارت ۽ پاڪستان جي ڪجهه ضلعن تائين مخصوص آهي.[5]
پاڪستان ۾ باسمتي چانور سنڌ، پنجاب، ڪشمير ۽ خيبر پختونخواه جي ڪجهه علائقن ۾ ٿيندو آهي. انهن چانورن جا به گهڻائي قسم آهن. "سيلا" باسپتي چانورن جو هڪڙو جدا قسم آهي، جنهن کي جوشي به چوندا آهن. انهن چانورن جي سارين کي فصل لهڻ کانپوءِ وڏن لوهي ڪڻاهن ۾ وجهي، ٽهڪائيندا آهن.[6]

انڊين ايگريڪلچرل اينڊ پروسيسڊ فوڊ پراڊڪٽس ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ اٿارٽي (APEDA) باسمتي چانور جي تعريف هن طرح ڪري ٿو؛[7]
"چانور جي هڪ قسم کي باسمتي سڏڻ لاء ضروري آهي ته ٻين پيرا ميٽر سان گڏ، پچائڻ کان اڳ ان جي داني جي سراسري ڊيگهه گهٽ ۾ گهٽ 6.61 ملي ميٽر (0.260 انچ) ۽ ويڪر 2 ملي ميٽر (0.079 انچ) تائين هجي."[8]

نالو
[سنواريو]لفظ باسمتي سنسڪرت جي ٻن بنيادي لفظن، "واس" معنيٰ خوشبو ۽ "ميوپ" معنيٰ موجود يا جڙيل، مان نڪتل آهي. جڏهن ٻنهي کي گڏ ڪيو ويندو آهي، تڏهن ميوپ "متي" طور مختصر ٿي ويندو آهي ۽ نتيجي طور پورو نالو "واسمتي" بڻجي ٿو، جيڪا عام طور تي "باسمتي" تلفظ ڪيو ويندو آهي.
تاريخ
[سنواريو]باسمتي چانورن کي صدين کان ننڍي کنڊ ۾ پوکيو ويندو رهيو آهي. باسمتي چانورن جو پهريون ذڪر "هير رانجھا"، پنجابي شاعر وارث شاهه پاران 1766ع ۾ لکيل هڪ داستان، ۾ ڪيو ويو.
پيداوار ۽ پوک
[سنواريو]خوشبو ۽ ذائقو
[سنواريو]باسمتي چانورن ۾، نامياتي مرڪب 2-ايسٽيل-1-پائرولين جي ڪري، هڪ عام پئنڊين، پئنڊئنس امريلي فوليئس پنن، جهڙو ذائقو هوندو آهي. باسمتي جي داڻي ۾ قدرتي طور تي هن خوشبودار ڪيميائي مرڪب جو 0.09 ذرڙا في ملين (ppm)، هڪ سطح جيڪا غير باسمتي چانورن جي قسمن کان تقريباً 12 ڀيرا وڌيڪ آهي، هوندا آهن، جيڪا باسمتي چانور کي ان جي مخصوص خوشبو ۽ ذائقو ڏين ٿا. هي قدرتي خوشبو پنير، ميون ۽ ٻين اناج ۾ پڻ ملي ٿي.
پچائڻ دوران، 2-ايسٽيل-1-پائرولين (pyroline)-2-acetyle)-1) جي سطح گهٽجي ويندي آهي، پر چانورن کي پچائڻ کان اڳ 30 منٽن لاءِ پاڻيء ۾ رکڻ سان پچائڻ جو وقت 20 سيڪڙو گهٽ لڳندو آهي ۽ هن طور 2- ايسٽيل-1-پائرولين جي مقدار کي وڌيڪ محفوظ رهندي آهي.
گليسيمڪ انڊيڪس
[سنواريو]قسمون ۽ ميلاپ
[سنواريو]دنيا جي چوڌاري لاڳاپيل قسمون
[سنواريو]باسمتي سرٽيفڪيشن
[سنواريو]ملاءُ ۽ نقلي قسمون
[سنواريو]پيٽنٽ جي جنگ
[سنواريو]پڻ ڏسو
[سنواريو]- سُغداسي چانور
- ايري-370
- جاسمين چانور
- چانورن جي قسمن جي فهرست
- اورزا ستيوا
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 Kishor, DS; Seo, J; Chin, JH; Koh, HJ (2020). "Evaluation of Whole-Genome Sequence, Genetic Diversity, and Agronomic Traits of Basmati Rice (Oryza sativa L.)". Frontiers in Genetics 11: 86. doi:. PMID 32153645.
- ↑ Big money in "specialty rices" Food and Agriculture Organization, United Nations (2002)
- ↑ "India Export Statistics", APEDA, حاصل ڪيل 11 July 2019۔
- ↑ "Pakistani rice: Second to all". Dawn. 8 April 2019. https://www.dawn.com/news/1474525.
- ↑ Rice Sales From India to Reach Record as Iran Boosts Reserve آرڪائيو ڪيا ويا 2017-05-21 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Bloomberg News (13 February 2014)
- ↑ باسپتي : (Sindhianaسنڌيانا)
- ↑ Madhya Pradesh loses GI tag claim for Basmati; India may ask Pakistan to check farming آرڪائيو ڪيا ويا 2019-07-11 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Financial Express (19 March 2018)
- ↑ "Eligibility of a Rice Variety to be Notified as Basmati", APEDA, اصل کان 20 December 2019 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2 February 2020۔
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ باسمتي چانور سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
| باسمتي چانور جي لغوي معنائن جي لاءِ وڪي لغت ۾ ڏسو |
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- سانچا
- Pages using infobox settlement with unknown parameters
- Pages using infobox settlement with no coordinates
- چانور
- زراعت
- نباتيات
- باسمتي چانور
- چانور جي قسمون
- ڀارت جي معيشت
- پاڪستان ۾ زراعت
- پاڪستان جي پوکون
- پاڪستان جي معيشت
- ڀارت ۾ چانورن جي پيداوار
- پاڪستان ۾ چانورن جي پيداوار
- سنڌ ۾ جاگرافيائي اشارا
- پنجاب ۾ جاگرافيائي اشارا
- اتر پرديش ۾ جاگرافيائي اشارا
- هريانه ۾ جاگرافيائي اشارا
- ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاگرافيائي اشارا
- هماچل پرديش ۾ جاگرافيائي اشارا
- خيبر پختونخوا ۾ جاگرافيائي اشارا