مواد ڏانھن هلو

باسفورس سامونڊي گذرگاهه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
باسفورس سامونڊي گذرگاهه
مقامباسفورس سامونڊي گذرگاهه
باسفورس (ڳاڙهو) جو مقام ڊارڊينيلس (پيلو) ۽ مارمارا سمنڊ جي نسبت سان
اپريل 2004ع ۾ بين الاقوامي خلائي اسٽيشن تان ورتل، باسفورس سامونڊي گذرگاهه جي ويجهي سيٽلائيٽ تصوير. مٿي تي پاڻي جو ذخيرو ڪارو سمنڊ آهي، هيٺان وارو مارمارا سمنڊ آهي ۽ باسپورس هڪ گھمندڙ پاڻي وارو رستو آهي جيڪو ٻنهي کي ڳنڍي ٿو. باسفورس جا اولهه وارا ڪنارا يورپي کنڊ جي جاگرافيائي شروعات آهن، جڏهن ته اوڀر وارا ڪنارا ايشيا کنڊ جي جاگرافيائي شروعات آهن. استنبول شهر ٻنهي ڪنارن سان نظر اچي ٿو.
باسفورس جو فضائي ڏيک جيڪو ڪاري سمنڊ جي ويجهو ان جي اترئين ڇيڙي (هيٺ) کان ورتو ويو آهي، ڏکڻ (مٿي) مرمارا سمنڊ ڏانهن ڏسي رهيو آهي، جنهن ۾ استنبول شهر جو مرڪز لنگهه جي ٽڪرين جي ڪنارن سان نظر اچي ٿو.

باسفورس (Bosporus) يا باسفورس سامونڊي گذرگاهه [lower-alpha 2] هڪ قدرتي سامونڊي گذرگاهه ۽ هڪ بين الاقوامي طور تي اهم آبي رستو آهي جيڪو ترڪي ۾ واقع آهي ۽ استنبول شهر سان ڳنڍيل آهي. باسفورس گذرگاهه ڪاري سمنڊ کي مارمارا سمنڊ سان ڳنڍي ٿي ۽ ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ براعظمي سرحدن مان هڪ ٺاهيندي آهي. اها اناطوليا کي ٿريس کان الڳ ڪندي ترڪي کي پڻ ورهائي ٿي. اهو دنيا جو سڀ کان تنگ سامونڊي گذرگاهه آهي جيڪي بين الاقوامي جهاز راني لاءِ استعمال ٿيندي آهي.

باسفورس جا گھڻا ڪنارا، اتر واري علائقي کان سواءِ، تمام گهڻا آباد آهن، استنبول شهر جي ميٽروپوليٽن علائقي جي آبادي، ٻنهي ڪنارن کان اندرئين پاسي پکڙيل، هڪ ڪروڙ 70 لک آهي.

مارمارا سمنڊ جي مخالف ڇيڙي تي باسفورس ۽ ڊارڊينيلس گذرگاهون گڏجي "ترڪش گذرگاهن" (Turkish Straits) جي نالي سان سڃاڻيون وڃن ٿيون.

استنبول ۾ باسفورس جي ڪناري جي حصن کي ڪنڪريٽ سان مضبوط ڪيو ويو آهي ۽ آبنائي جي انهن حصن کي وقت بوقت کوٽيو ويندو آهي جيڪي جمع ٿيل گاد جو شڪار آهن.

حوالا

[سنواريو]
  1. ↑ "Bosporus". Lexico.com. Oxford University Press. اصل نسخو مان 29 July 2020 تي محفوظ ڪيل.
  2. ↑ "Bosporus". Collins English Dictionary. HarperCollins.
  3. ↑ "Bosporus". Longman Dictionary of Contemporary English. Pearson.
  4. ↑ "Bosporus". American Heritage Dictionary of the English Language. HarperCollins.
  5. ↑ "Bosporus". Columbia Encyclopedia. Columbia University Press.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

Istanbul/Bosphorus سفري راهنما منجانب وڪي سفر Wikivoyage

  1. ↑ The spelling Bosporus is listed first or exclusively in all major British and American dictionaries (e.g. Lexico.com,[1] Collins English Dictionary,[2] Longman Dictionary of Contemporary English,[3] Merriam-Webster, American Heritage Dictionary,[4] and Random House) as well as the Encyclopædia Britannica and the Columbia Encyclopedia.[5] The American Heritage Dictionary's online version has only this spelling and its search function does not find anything for the spelling Bosphorus. The Columbia Encyclopedia specifies that the pronunciation of the alternative spelling ph is also /p/, but dictionaries also list the pronunciation /f/ for this spelling.
  2. ↑ /ˈbɒs.pər.əs[unsupported input]ˈbɒs.fər.əs/, boss-PƏR-əs-,_-boss-FƏR-əs;[lower-alpha 1] Turkish: İstanbul Boğazı, lit. 'Istanbul strait', colloquially Turkish: Boğaz, lit. 'The strait', Greek: Βόσπορος, romanized: Vósporos
حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو