بازار امير بيگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اها -بازار- ترخانن جي دور ۾ ٺٽي شهر ۾ مرزا -جاني- بيگ جي لشڪر جي بخشيءَ ۽ سندس درٻار جي -امير-، مرزا -امير- بيگ جي نالي هئي. اهو -امير- سنڌ فتح ٿيڻ (1000ھ/1591ع) بعد مرزا جانيءَ بيگ سان گڏجي -اڪبر بادشاهه- وٽ به ويو هو ۽ پوءِ جڏهن وري سنڌ جو علائقو مرزا کي واپس مليو، تڏهن ٻين اميرن سان گڏجي هي به پٺتي موٽي آيو. پورچوگيزن جي حملي ۾ (963ھ/1555ع) -ٺٽي- اندر جيڪي شهيدن جا گنج ٿيا، انهن مان هڪ انهيءَ -بازار- ۾ به هو. پورچوگيزن انهيءَ -بازار- ۾ جيڪي مسلمان شهيد ڪيا، سي انهيءَ -بازار- ۾ ئي هڪ هنڌ دفن ڪيا ويا. پورچوگيزن جي حملي جو زور -ٺٽي- ۾ -جن- پنجن جاين تي زياده هو، -تن- ۾ اها -بازار- به هئي.[1]

حوالا[سنواريو]