بارغ
ڏيک
بارغ کيرٿر جي بلند چوٽين مان هڪ آهي. هي ميهڙ شهر جي اولهه طرف آهي. هيءَ مٿانهين چوٽي، سرسبز گهاٽن ڪهوءَ جي جهنگلن سان ڍڪيل آهي. -ان- کان سواءِ هت پيش گهڻي انداز ۾ پيدا ٿيندي آهي. هتي ڪيترا ٻيا وڻ به موجود آهن. هن جو مٿاڇرو هموار ۽ وسيع آهي، جنهن کي ڪنهن حد تائين پڪي جي زمينن سان ڀيٽي سگهجي ٿو. -بارغ- جي آسپاس رهندڙ ذاتين ۾ ساسولي، چانڊيا، شاهاڻي ۽ -بوزدار- آهن. هي سنڌي، بلوچي ۽ بروهڪي -ٻولي- ڳالهائيندڙ ذاتيون آهن. حڪومت جيڪڏهن هن هنڌ کي -ٿورو- ڌيان ڏئي، ته هي سنڌ جو بهترين تفريح گاهه بڻائي سگهجي ٿو.[1]