باب الاسلام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

باب الاسلام سنڌ کي انهيءَ نالي سان سڏيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته برصغير ۾ اسلام جي روشني سڀ کان پهرين سنڌ ۾ پهتي. عام طرح اهو خيال آهي ته سنڌ ۾ اسلامُ، محمد بن قاسم جي آمد (94ھ/712ع) سان آيو، پر ائين نه آهي. سنڌ ۾ اسلام جي روشني پکيڙڻ جو فرض، رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي دور ۾ سندس صحابين سرانجام ڏنو. جن مان ڪن جون قبرون شاه مڪي قبرستان حيدرآباد ۾ موجود آهن.

6 جولاءِ 1975ع تي جڏهن اسلامي ملڪن جي پهرين سربراهه ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿي، تڏهن هن ڪانفرنس ۾ شريڪ نمائندن هن شهر جي تاريخي اهميت ۽ عوام جي مهمان نوازيءَ واري جذبي کان متاثر ٿي، ڪراچي شهر کي ”باب الاسلام“ جو نالو ڏنو.[1]

حوالا[سنواريو]