مواد ڏانھن هلو

بابا گرپت صاحب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بابا گرپت، گرونانڪ ديو جي پندرهين پيڙهيءَ مان هو. سندس والد جو نالو سترام هو. هو پنجاب کان سنڌ جي شهر، خيرپورميرس ۾ آيو ۽ شهر جي ٻاهران اچي ديرو دمايائين. ساڻس گڏ ڪيترائي سنت هئا، -جن- مان هرپرڪاش وڏي مرتبي وارو هو. هر پرڪاش جي وفات کان پوءِ هرڀڄنداس گاديءَ تي ويٺو. هرڀڄنداس 1919ع ۾ وفات ڪئي ۽ پوءِ گاديءَ تي ٻائو جيرامداس ويٺو. هي سڀ بابا گرپت جا سنت سڏبا آهن.

بابا گرپت صاحب، خيرپورميرس ۽ حيدرآباد ۾ وڏيون درٻارون قائم ڪيون، -جتي- سوين ساڌو، سنت ۽ نانگا اچي رهندا هئا. گرپت صاحب جي درٻارن تي ڪي نشانيون اڃا تائين رکيل آهن. ورهاڱي کان پوءِ جيرامداس ۽ ٻائو ڪرڻداس، هندستان لڏي ويا. هنن پوءِ پوني ۽ بمبئيءَ ۾ درٻارون قائم ڪيون. ڪرڻداس ڊسمبر 1956ع ۾ گذاري ويو.[1]

حوالا

[سنواريو]