اگھوتري اخبار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اگھوتري اخبار روزاني اخبار جو پھريون پرچو 9 جنوري 1937ع تي لاڙڪاڻي مان جاري ٿيو. هن اخبار جو ايڊيٽر هرچو مل بيکچند هو. هيءَ اخبار هڪ ئي وقت سنڌي، اردو، هندي، گجراتيءَ ۾ نڪرندي هئي. اخبار جي هيڊ آفيس جيلس بازار لاڙڪاڻي ۾ هوندي هئي. اخبار جو ساليانو چندو ٽي روپيا هو، هن اخبار جون 60 ڪاپيون نڪرنديون هيون.[1]

حوالا[سنواريو]