اگھم راجا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اگهم راجا-، راءِ گهراڻي جي حاڪم راءِ سهيرس پٽ راءِ سهاسيءَ جي دور ۾، سنڌ جي ڏاکڻي حصي ”لوهاڻي پرڳڻي“ جو حاڪم هو. سندس گاديءَ جو هنڌ -برهمڻ آباد- هو. چچ، راءِ سهيرس کان حڪومت هٿ ڪرڻ بعد سيوستان کان ٿيندو، جڏهن لوهاڻي پرڳڻي پُهتو، ته اتي راجا -اگهم- کان پنهنجي تابعداريءَ جي گهر ڪيائين. راجا -اگهم-، هڪ مڪار ۽ فريبي حاڪم جي تابعداريءَ بدران، -جنگ- کي ترجيح ڏني، اهڙيءَ طرح اها -جنگ- هڪ سال تائين هلندي رهي. -جنگ- جي آخر ۾ -اگهم-، لوهاڻي پرڳڻي پُهتو، -اگهم- لوهاڻي قلعي -بندي- ڪئي ۽ -ان- قلعي بنديءَ واري وقت ۾ پاڻ مري ويو، جڏهن ته کانئس پوءِ سندس پُٽ کي گاديءَ تي ويهاريو ويو، جنهن چچ جي تابعداري قبول ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]