مواد ڏانھن هلو

اڪ مڪڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ھيءُ جيت عام مڪڙ جيڏو، پر سائي ڦڪي رنگ جو ٿيندو آهي. گهڻو ڪري اڪ جي وڻ تي ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جنهنڪري ئي هن جو نالو ”اَڪ مڪڙ“ پيو آهي. هيءُ جيت ڊگهين ٽنگن ۽ مُڇن سان ٿئي. ساين ٽارين يا گاهه ۾ لڪي ويندو ته نظر نه ايندو. گاهن ۾ به ويهندو آهي. وسڪاري وقت -جام- ڏسڻ ۾ ايندو آهي. -ٿري- ٻوليءَ ۾ هن کي ”گوگو“ به چوندا آهن.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. اڪ مڪڙ : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2016-04-11 تي محفوظ ڪيل, 2016-05-28 تي حاصل ڪيل