اڪ جون ڦلڙيون ڀيڄ ڀني
ڏيک
هي ڪتاب سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ نثري نظم شامل آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، ساڳئي نالي سان 1965ع ڌاري شايع ٿيو هو، پر مارشل لا جي سختيءَ سبب پڌرو نه ٿي سگهيو، بعد ۾ شيخ -اياز- هن ڪتاب جا ڪجهه نظم، ٻين نثري ڪتابن ۾ به داخل ڪيا. هن ڪتاب جي اهميت محسوس ڪندي، ڏاهي اديب محمد ابراهيم جويي شيخ -اياز- فائونڊيشن حيدرآباد پاران ڊسمبر 2002ع ۾ -ان- کي شايع ڪرايو. هن ڪتاب جو مهاڳ به محمد ابراهيم جويي لکيو آهي، ڪچي جلد جي 115 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 50 رپيا آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ اڪ جون ڦلڙيون ڀيڄ ڀني : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2024-11-20 تي محفوظ ڪيل, 2016-05-28 تي حاصل ڪيل