اڪٿ ڪھاڻي ڪبير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪا، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس ريٽا شهاڻيءَ جو سوانحي ناول آهي. جنهن ۾ هن مشهور ويدانتي شاعر ڪبير جي جيون ڪهاڻي ناول جي انداز ۾ لکي آهي. ريٽا شهاڻيءَ هن ڪتاب ۾ عام ناول واري انداز کان هٽي پنهنجي مخصوص اسلوب ۾ -ڀڳت ڪبير- جي ڪهاڻي بيان ڪئي آهي. هن -ڀڳت ڪبير- جي ڪوِتا کي بنياد بڻائي راويءَ جي روپ ۾ نه رڳو -ڀڳت ڪبير- جي جيون ڪٿا بيان ڪئي آهي، پر -ان- جي دوهن جي اپٽار ۽ اڀياس به فلسفاڻي انداز ۾ بيان ڪيو آهي. سنڌي ادب ۾ ڪنهن شاعر جي ڪٿا لکڻ جو هي هڪ انوکو ۽ منفرد انداز آهي، جنهن ۾ ليکڪا جي -آتما- شاعريءَ جو روپ وٺي شاعر ۾ واسو ڪري ٿي ۽ پوءِ مسلسل شاعري ئي شاعر جي زندگيءَ، فن ۽ فڪر جو احاطو ڪري ٿي، اهڙي طرح ناول نگار پردي جي پويان هليو وڃي ٿو ۽ اسڪرين جي پڙهندڙ، ڏسندڙ جي صورت ۾ شاعر جي اڪٿ ڪهاڻيءَ کي چرندو پرندو ڏسي ٿو. هن ناول ۾ ڀڳتي مارڳ جي سمجهاڻي سهڻي نموني ڏنل آهي. هن ڪتاب تي سنڌي ٻوليءَ جي نامور دانشور سائين محمد ابراهيم جويي 22 صفحن جو مهاڳ لکي -ڀڳتي تحريڪ- جي -تاريخ- تي نه رڳو روشني وڌي آهي ۽ ٻڌايو آهي ته -تاريخ- جي وچين دور 700ع کان 1600ع تائين -ڀڳتي تحريڪ- جو زور ٻن شين تي رهيو، هڪ پريم ۽ ٻيو ارپنا (Devotion)، انهن ٻنهي شين کي سڀ کان اعليٰ وجود (Supreme Being) تائين پهچڻ لاءِ ضروري ڄاڻايو ويو. جويي صاحب لکيو آهي ته -ڀڳت ڪبير- جنهن فلسفي جو سفير هو، -ان- جي اسان کي اڄوڪي دور ۾ گهڻي گهرج آهي. هن دورجي ڀڳتي هيءَ آهي ته اسين سماج / سماجن ۾ برابري، انصاف ۽ آزاديءَ تي ٻڌل هڪ نئين سماج جي -تخليق- ڪريون. هن ڪتاب ۾ -آسي زميني-، موهن مدهوش ۽ ليکڪا ريٽا شاهاڻيءَ جا ليک پڻ آهن. هن خوبصورت چار رنگي ٽائيٽل ۽ ڊيمي سائيز جي 152 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 140 رپيا آهي، جيڪو ڪويتا پبليڪيشن ڊسمبر 2008ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.[1]

حوالا[سنواريو]