اڪير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اڪير ھڪ خاص قسم جو لوڪ گيت آهي. جيڪو ٿرپارڪر خاص ڪري ڏيپلي ۽ -ان- جي آسپاس وارن علائقن ۾ رائج آهي. مضمون جي لحاظ کان هن گيت ۾ مائٽن جي محبت، اباڻي ڳوٺ جي -اڪير- جھڙا موضوع سمايل آهن. هن گيت ۾ ڏوراهين پنڌ تي پرڻائي ڏنل ڇوڪري مائٽن کي ياد ڪرڻ دوران ڪانگ کي مائٽن لاءِ نياپو ڏي ٿي. پري کان ڪنهن اوٺيءَ کي ايندو ڏسي کيس وڏو -ڀاءُ- ڀانئي ٿي ۽ سمجھي ٿي ته هو کيس وٺڻ لاءِ پيو اچي، گيت ۾ -ان- قسم جو پس منظر سمايل هوندو آهي.[1] هن گيت جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

آيل مانجھو مٿو گونٿيو چهنا!
]امـــــڙ مــــنهنـــجــــو مـــٿو ڳنـــــڌيـــو[

لڪ -تان- چڙهتي مان جويو ڙي چهنا
]ڀـٽ تـــي چـڙهــنـدي نــهــاريـــم[

مهانجي موڀي جھڙو ٽيٺا ٺيٺ- گمانا
]ڄڻ ته وڏي -ڀاءُ- جھڙو ڪو اچي پيو[

حوالا[سنواريو]