اڪير
ڏيک
اڪير ھڪ خاص قسم جو لوڪ گيت آهي. جيڪو ٿرپارڪر خاص ڪري ڏيپلي ۽ -ان- جي آسپاس وارن علائقن ۾ رائج آهي. مضمون جي لحاظ کان هن گيت ۾ مائٽن جي محبت، اباڻي ڳوٺ جي -اڪير- جھڙا موضوع سمايل آهن. هن گيت ۾ ڏوراهين پنڌ تي پرڻائي ڏنل ڇوڪري مائٽن کي ياد ڪرڻ دوران ڪانگ کي مائٽن لاءِ نياپو ڏي ٿي. پري کان ڪنهن اوٺيءَ کي ايندو ڏسي کيس وڏو -ڀاءُ- ڀانئي ٿي ۽ سمجھي ٿي ته هو کيس وٺڻ لاءِ پيو اچي، گيت ۾ -ان- قسم جو پس منظر سمايل هوندو آهي.[1] هن گيت جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
آيل مانجھو مٿو گونٿيو چهنا!
]امـــــڙ مــــنهنـــجــــو مـــٿو ڳنـــــڌيـــو[
لڪ -تان- چڙهتي مان جويو ڙي چهنا
]ڀـٽ تـــي چـڙهــنـدي نــهــاريـــم[
مهانجي موڀي جھڙو ٽيٺا ٺيٺ- گمانا
]ڄڻ ته وڏي -ڀاءُ- جھڙو ڪو اچي پيو[
حوالا
[سنواريو]- ↑ اڪير : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2018-11-25 تي محفوظ ڪيل, 2016-05-29 تي حاصل ڪيل