اڪن نيرا ڦليا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هي سنڌ جي نامياري شاعر شيخ اياز جو شعري مجموعو آهي، جنهن ۾ -بيت-، نظم، گيت ۽ وايون شامل آهن. -اياز- جي هيءَ شاعري -ٿر- جي پسمنظر ۾ ڪيل آهي، -ان- ۾ نه رڳو -ٿر- جا اصطلاح، پر سمون، -تهذيب-، -تاريخ- ۽ طبعي سونهن بيان ٿيل آهي. شيخ -اياز- هن ڪتاب جي ارپنا پنهنجي دوست ۽ محسن محمد ابراهيم جويي جي نالي ڪئي آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو -آڪٽوبر- 1988ع ۾ نيو فيلڊس پبلڪيشن حيدرآباد شايع ڪيو ويو. ڪتاب جي قيمت ڪچي جلد سان 30 رپيا ۽ پڪي جلد سان 50 رپيا آهي. ڪتاب 150 صفحن تي مشتمل آهي.[1]

حوالا[سنواريو]