اڪرام الله ڌاريجو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اڪرام -الله- خان ڌاريجو 7 فيبروري 1971ع تي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. پ. پ جو ايم.پي.اي آهي، جيڪو صوبائي اسيمبلي سنڌ جي گهوٽڪيءَ واري -تڪ- پي -ايس- 6 -تان- ڪامياب ٿيو. سندس تعلق گهوٽڪيءَ جي ڌاريجا خاندان سان آهي، جيڪو سياسي حوالي سان مشهور آهي. هن -پاڪستان- کان علاوه ڪيليفورنيا يونيورسٽي -آمريڪا- ۾ به -تعليم- حاصل ڪئي. جتان بزنس مئنيجمينٽ ۾ پي.ڊي. اي جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ پ پ نارٿ -آمريڪا- جو 2001ع کان 2005ع تائين وائيس پريزيڊنٽ پڻ رهيو. هن وقت ناڻي، -بين- الصوبائي رابطن، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ اريگيشن بابت ڪميٽين جو ميمبر ۽ سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن بابت ڪاميٽيءَ جو چيئرمين آهي. پاڻ سنڌ پيپلز ڊولپمينٽ ڪميٽي ضلعي گهوٽڪيءَ جو چيئرمين به آهي. سندس مستقل رهائش عادلپور ضلعي گهوٽڪي ۾ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]