مواد ڏانھن هلو

اکڙيون مينگهه ملهار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اکڙيون مينگهه ملهار  : ڪتاب بردي‘ جي نظمن جو هيءُ حسين گلدستو، ’سنڌي ادبي سنگت‘ طرفان شايع ڪيو ويو آهي. جديد سنڌي شاعرن مان، جن سنڌيءَ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ کي بنياد بنائي، نوان تجربا، نوان اسلوب ۽ نوان موضوع اختيار ڪيا آهن، انهن مان بردو به هڪ آهي. بردي جوهيءُ پهريون شعر جو مجموعو-’اکڙيون مينگهه ملهار‘ ڏيکاري ٿو ته سنڌي زبان جي سادن سودن لفظن ۾ هڪ فنڪار پيار ۽ سونهن جا درياءَ سمائي سگهي ٿو. شاهه ڀٽائي عليه رحمت جي عظمت جي بيشمار خصوصيتن مان اها به هڪ خصوصيت آهي ته هو بنهه عوامي زبان ۾، عوام جي دلين ۾ پيهي، سندن بنهه لطيف ۽ بنيادي امنگن ۽ احساسن کي فطرت جي حسن جو رنگ ڏيئي شعر جا موتي جڙَيندو هو. بردو به انهي ڏس ۾، شاهه جو پيرو ٿو نظر اچي. سندس شاعريءَ جون پاڙون سنڌي عوام ۾ کتل آهن، جن جا سٻاجها ڪردار، پيار ۽ محبت جا جذبا سندن سادي سودي زندگيءَ جوميٺاج، سندن نهٺائي، سندن سونهن ۽ سندن حب الوطني بردي جا موضوع آهن، ۽ اهي ئي سندن گيتن جي ميٺاج ۽ سنگيت جا ماخذا، بنهه عام رواجي منظرن ۾ جيڪو سنگيت لڪل آهي، ان کي اجاگر ڪرڻ ۾ بردو ڪمال جي حدن تي پهتل آهي. هيءَ منظر ڪشي ته ڏسو: ڀيڄ ڀنيءَ جو، ڀنيءَ فصا ۾، تنهنجي ياد ستائي، سا جهَٽَ، ڀاڳ، سهاڳ جي ڀانيان، لالڻ ليئڙو پائي، پاسا چوريان، ۽ ڪَرَ موڙيان، هاءِ اچن اوٻاسيون، عشق جو مُشڪ ڇلي پيو ڇپرين، ڳوٺ ڳليون سڀ واسيون، سيني ساڻ لڳائي روئان، ’بردا‘ نينهن نشاني، آءٌ وري تون جاني........ هڪ ٻئي ۾ چوي ٿو ته ”هر وڻ ٽڻ جي ڳُتَ جهلي، پيو ڏي ڌانڌولا جو هو!“ طوفان وڻن جي ڳتن کي جهلي پيو ڌونڌاڙي-ڪيڏي نه گهرائي آهي انهيءَ تخيل ۾ ڪيڏي نه سادگي! اها ئي بيساختگي ۽ سادگي،لفطن جوجادو، خيال جي گهرائي، ۽ جذبن جي پاڪيزگي بردي جي شاعريءَ جون اهم خصوصيتون آهن. ورڊ سورٿ وانگر، فطرت جو سمورو حسن جڏهن انساني جذبن ۽ احساسن جو پس منظر بنجي ٿو، تڏهن ئي هڪ ڪامل شاعر پيدا ٿئي ٿو- ۽ انهيءَ مفهوم ۾ بردو هڪ ڪامل شاعر آهي، ۽ سندس گيتن ۽ نظمن جو هيءُ گلدستو سنڌي ادب ۾ هڪ پيش بها اضافو آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. سراج جو تبصرو؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع