اکڙي
ڏيک
گذريل صديءَ جي شروعات تائين سنڌ ۾ برقعي جو رواج نه هو، تنهنڪري عورتون، پردي پوشيءَ لاءِ، سڄي جسم کي چادر يا اجرڪ سان اهڙيءَ طرح ويڙهينديون هيون جو هٿ يا پير به نه ڏسجن. ڏسڻ لاءِ فقط اکيون کُليل رکنديون هيون. اهڙيءَ طرح پردي پوشيءَ کي ”اکڙي“ ڪڍڻ يا ويڙهڻ چيو ويندو هو. اڃا تائين سنڌ ۾ ڪن هنڌن تي اکڙيءَ جو رواج آهي. چؤڪُنڊي ڀرت کي به ”اکڙي“ چوندا آهن.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد., اصل نسخو مان 2024-11-30 تي محفوظ ڪيل, 2016-05-28 تي حاصل ڪيل