مواد ڏانھن هلو

اکيون ميگھ ملار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ جي نامياري شاعر ’بردي سنڌيءَ‘ جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو، جيڪو 1961ع ۾ سنڌي ادبي سنگت، نوابشاهه جي سيڪريٽري منظور حسين قريشيءَ، سنگت پبليڪيشن، نوابشاهه پاران ڇپائي پڌرو ڪيو هو ۽ 92 صفحن جي هن مختصر شعري مجموعي جي قيمت ڏيڍ رپيو رکي وئي هئي، جيڪو اسلاميه پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان ڇپيو. هن ڪتاب ۾ بردي جا گيت، ڪافيون، وايون، نظم، -بيت-، دوها ۽ قطعا شامل آهن ۽ اُن جي ترتيب نامياري شاعر شمشيرالحيدريءَ ڏني آهي. هن مختصر شعري مجموعي جو تعارف سنڌ جي ٻن عظيم شاعرن شيخ -اياز- ۽ تنوير عباسيءَ جو لکيل آهي. شيخ -اياز- لکيو آهي ته ’بردي جي شاعري ڏسي مون کي بلڙيءَ واري جي دوهي جي پهرين سٽ ياد ايندي آهي: ’پاڻياريءَ سر ٻهڙو‘ - ۽ تنوير عباسيءَ بردي جي گيتن کي ’جيئرا جاڳندا گيت‘ سڏيو آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]