مواد ڏانھن هلو

اکيون آلا چنڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هي لاڙڪاڻي جي نوجوان شاعر محمد علي -پٺاڻ- جي نثري نظم جو پهريون مجموعو آهي، جيڪو ڊسمبر 1988ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ بکي، تعلقي ڏوڪريءَ جي سيڪريٽري هدايت منگيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. شآعر پنهنجي ڪتاب جو انتساب پنهنجي -امڙ- جي نالي ڪيو هو، هن ڪتاب تي تفصيلي مهاڳ ’سور جي سفر‘ جي عنوان سان -انور- پيرزادي لکيو آهي، شاعر جي سڃاڻپ مشهور ڪهاڻيڪار رزاق مهر ڪرائي آهي. ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جا 120 صفحا ۽ قيمت 10 روپيا رکيل آهي[1].

حوالا

[سنواريو]