اڏوھيء جي ڇن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اڏوهيءَ جي ڇَنَ: ضلعي بدين جي سامونڊي ڪناري تي، ڪوٺاري کان اولهه طرف ”-اڏوهيءَ جي ڇن-“ شروع ٿئي ٿي. انهيءَ نالي هوندي به هيءَ سرزمين اڄ به سرسبز ۽ کير وانگر اُجري آهي. -ٻٻر- ۽ ڪنڊيءَ جا وڻ منجهس گهڻا آهن. انهيءَ ڇن ۾ هرڻ، سهو ۽ -تتر- ٿئي. سياري جي شروعات ۾ هت -تلور- به ٿيندي آهي. هِت گلوريون تمام گهڻيون رهن ٿيون. هيءُ علائقو ”ڳورپٽ“ جانور جي جُوءِ آهي. هن ڇَن ۾ ٻه -جاڙيون- قبرون پڪين سرن سان ٻڌل آهي. هن علائقي ۾ پاڻيءَ جي وڏي تڪليف آهي. رڻ ۾ ڪجهه وقت -پاڻي- رهي ٿو ته پنهنجو ذائقو بدلائي ڪڙو ٿيو پوي. رڻ جي هوا ۾ هڪ قسم جي بوءِ ٿيندي آهي، جيڪا نئين ماڻهوءَ کي ڏاڍو پريشان ڪندي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]