مواد ڏانھن هلو

اڌڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وڌيڪ اڌ مهينو جيڪو 15 ڏينهن جو ٿئي، جيڪو سنبت ۾ هر ٽئين سال، شمسي سال سان برابر ڪرڻ لاءِ -آکاڙ- ۽ ساوڻ مهينن جي وچ ۾ ڳنڍيو ويندو آهي. اُن مهيني کي ڌرمائو مهينو به چوندا هئا. پاڪستان کان اڳ ڀارت جي جدا جدا صوبن ۽ رياستن ۾ ڌرمي ڏينهن ملهائڻ ۾ يڪسانيت نه هئي، تنهنڪري 1954ع ۾ هند سرڪار جنترين ۾ هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ لاءِ معياري -جنتري- رائج ڪئي. 23 مارچ 1954ع کي هندي سنبت جي چيٽ مهيني جي پهرين -تاريخ- مقرر ڪئي. هن جنتريءَ ۾ مهينن جا ڏينهن هيٺينءَ طرح مقرر ڪيا ويا: چيٽ 30 ڏينهن، ويساک 31 ڏينهن، ڄيٺ 31 ڏينهن، -آکاڙ- 31 ڏينهن، ساوڻ 31 ڏينهن، -بڊو- 31 ڏينهن، -اسو- 30 ڏينهن، ڪتي 30 ڏينهن، ناهري 30 ڏينهن، پوهه 30 ڏينهن، مانگهه 30 ڏينهن ۽ ڦڳڻ 30 ڏينهن اهڙي طرح چنڊ جي حساب وارن مهينن جي کوٽ ڀري ويئي. هاڻي هندي سال ۾ ”اَڌڪ“ مهينو ڳنڍيو نه ويندو آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]