مواد ڏانھن هلو

اڇي مک

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Neomaskellia bergii, illustrating the wing venation and showing the vasiform orifice above the tip of the abdomen
Venation in a large species of Udamoselis is more complex

اڇي مک
Whiteflies (Trialeurodes vaporariorum)
سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: Animalia
تقسم: Arthropoda
درجو: Insecta
ترتيب: Hemiptera
ذيلي ترتيب: Sternorrhyncha
Superخاندان: Aleyrodoidea
خاندان: Aleyrodidae
Subfamilies[1]

Aleurodicinae
Aleyrodinae
Udamoselinae

هم معنيٰ

Aleurodidae

اڇي مک: While fly: هڪ قسم جو جيت. پوک تي ويهندو آهي ۽ سنگن، گُلن يا ٻُور کي نقصان پهچائيندو آهي. دنيا ۾ -اڇي مک- جا 1200 قسم آهن، -جن- مان صرف 15 قسم اهڙا آهن، جيڪي -انسان- ذات جي لاءِ نقصان جو سبب بڻجن ٿا. -اڇي مک- جا -پاڪستان- ۾ 104 ۽ سنڌ ۾ 50 کان مٿي ميزبان -ٻوٽا- آهن. -اڇي مک-، جيڪا فصلن لاءِ وبا جي شڪل اختيار ڪري ويئي آهي، -ان- جي وڌڻ جا هيٺيان سبب آهن: (1) ميزبان ٻوٽن جي فصل ۾ يا فصل جي ڀرسان موجودگي ۽ ميزبان ٻوٽن بابت ڄاڻ نه هئڻ، (2) يوريا ڀاڻ جو وڌيڪ ڏيڻ، (3) شروعات ۾ ئي لڳاتار زرعي زهريلي دوائن جو ڦوهارو ڪرڻ، ۽ (4) -اڇي مک- جي زندگيءَ جي چڪر جي ڄاڻ نه هئڻ سبب صرف بالغ -اڇي مک- لاءِ زهريلي زرعي دوائن جو ڦوهارو ڪرڻ. (1) ميزبان -ٻوٽا- -اڇي مک- لاءِ پناهگاهه آهن، جيڪي سندس واڌ ويجهه ۾ مدد ڏين ٿا. مثلاً: واڱڻ تي -اڇي مک- جي نسل جي واڌ ٿورڙي وقت ۾ گهڻي ٿئي ٿي. ٽنڊي ڄام جي جيتن واري شعبي جي هڪ مطالعي مطابق -اڇي مک- جا هيٺيان ميزبان -ٻوٽا- معلوم ڪيا ويا آهن: پواڙي، تُوريو، سرنهن، ڄانڀو، ڪينولا، سورج مکي، مُڱ، هيرڻ، -برسيم-، مڪئي، -جنتر-، -تماڪ-، ڪمند، سپوري (مانجهاندڙي)، سفيدو (بيدمشڪ)، گوار، مرچ، ڀينڊي، توري، ڪريلا، ونگا، واڱڻ، اربي (ڪچالو)، گل گوبي، -ٽماٽو-، چؤنرا، موري، ميها، جهنگلي -پالڪ-، (گند گاهه)، ناڙو، سنجهي، ابوٽلان، ڪانڊيري، ڀَتر، ڪاسني، ڪانپيرو (-پٽ پيرون-)، جِهل، ڌاتورو، -اڪ-، چائنا روز، گل خيرو، نڪوٽيشيا، ڪرم ڊولا، ڊيليا فلاور، منو فلاور، موتيو، ميندي، سنڀالو، سَريل، -ٽالهي-، ديوي، ليمون، زيتون، -ٻير-، سلاد ۽ مسور وغيره. (2) يوريا ڀاڻ جي وڌي وڃڻ جي ڪري ٻوٽن ۾ سائو مادو گهڻي تعداد ۾ پيدا ٿئي ٿو، جنهن جي ڪري -اڇي مک-، سندس ٻچا ۽ سوٻٽ (پيوپا) رس چوسي گهڻي تعداد ۾ واڌ ڪن ٿا. (3) شروعات ۾ ئي زهريلين زرعي دوائن جي ڦوهاري ڪرڻ سان اسان جا دوست جيت (فائديمند جيت) جهڙوڪ سائي رنگ وارو پوپٽ، اوريس ۽ ڪوريئڙو وغيره مري وڃن ٿا، جنهن ڪري -اڇي مک- کي ناس ڪرڻ مشڪل ٿيو پوي. لڳاتار ڦوهاري ڪرڻ سان پڻ -اڇي مک- ۾ قوت مدافعت پيدا ٿيو پوي، جنهن ڪري ضابطو آڻڻ تمام گهڻو ڏکيو ٿيو پوي. سنڌ ۾ -اڇي مک- جي جنس Bemisia tabaci اسان جي اهم فصلن جهڙوڪ: وونڻن، واڱڻن، ٽماٽن، ڀينڊين ۽ گلن جو گهڻو نقصان ڪري ٿي. -اڇي مک- پنهنجي زندگيءَ جي شروعات بيضوي شڪل جهڙن بيضن سان ڪري ٿي، جيڪي هلڪا زرداڻ مائل ساوا هوندا آهن، -جن- جو تعداد هر دفعي 30 کان 40 هوندو آهي. جڏهن بيضا ڦٽڻ وارا هوندا آهن ته بيضن جو رنگ ٿورڙو ڪارو ٿي ويندو آهي ۽ بيضن تي مٿان کان هيٺ تائين ليڪ ظاهر ٿيندي آهي، جيڪو بيضي جي کل ٽوڙڻ جو نشان هوندو آهي. -اڇي مک- جو ٻچو (crawler) بيضي مان کل -ٽوڙي- ٻاهر نڪري، کاڌي جي ڳولا شروع ڪندو آهي. پاڻ زردائڻ مائل ڳاڙهسرو، بيضوي شڪل جو هوندو آهي، پر سندس چوڌاري ڪنارن تي اڀا ٿيل وار هوندا آهن. ڪجهه وقت تائين پنن تي ريڙهيون پائيندو آهي ۽ پوءِ پنهنجو سونڊ نما وات پنن ۾ اندر داخل ڪري، رس چوسڻ شروع ڪندو آهي ۽ اتي ئي ٻئي مرحلي ۾ اچي ويندو آهي، جتان پوءِ ٻن -ٽن- ڏينهن بعد ٽئين مرحلي ۾ اچي ويندو آهي. هنن ٻنهي مرحلن ۾ سندن شڪل بيضوي، هلڪي ساواڻ مائل هوندي آهي ۽ کين ڄنگهون نه هونديون آهن. ٻنهي مرحلن وارا ٻچا سمورو وقت رس چوسيندا رهندا آهن ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ چوٿين مرحلي سوٻٽ (پيوپا) ۾ پهچي ويندا آهن. پيوپا ڳاڙهائڻ مائل هوندو آهي ۽ سندس ڳاڙهين اکين جا نشان ڏسڻ ۾ ايندا آهن. پيوپا (سوٻٽ) پڻ پنن مان رس چوسيندو آهي. هن مرحلي دوران -اڇي مک- جا پر (کنڀ) پڻ ٺهندا آهن. پيوپا مان بالغ مک ٻن کان اٺن ڏينهن جي اندر نڪري، وري لڳ ڪري -آنا- لاهڻ شروع ڪندي آهي ۽ ائين وري پنهنجي زندگيءَ جو چڪر شروع ڪندي آهي.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. Martin, J.H.; Mound, L.A. (2007). "An annotated check list of the world's whiteflies (Insecta: Hemiptera: Aleyrodidae)". Zootaxa 1492: 1–84. 
  2. اڇي مک : (Sindhianaسنڌيانا)