اڇو پکي واءُ ۾

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪتاب اڇو پکي واءُ ۾ سنڌ جي نامور ليکڪ حفيظ شيخ جي مختلف لکڻين تي مشتمل آهي، جنهن ۾ آتم ڪهاڻيءَ جو ڪجهه حصو، ”اروڙ“ نالي هڪ ناوليٽ، 18 ڪهاڻيون، ڊائريءَ جا ورق، خط ۽ تاثر شامل آهن. جڏهن ته مختلف ليکڪن جا حفيظ شيخ تي لکيل پورٽريٽ، خاڪا، مضمون، تاثر، خط، ريڊيائي تقريرون، يادگيريون، ڀيٽا ۽ انٽرويوز پڻ شامل آهي، ان کانسواءِ حفيظ شيخ ۽ سندن دوستن جا انٽرويوز پڻ هن ڪتاب ۾ موجود آهن، هن ڪتاب کي نامور ليکڪ نصير مرزا سهيڙيو آهي، ڪتاب ۾ حفيظ شيخ جي لکڻين ۽ زندگيءَ بابت اهم موضوعن تي پڻ ڳالهايو ويو آهي، ڪتاب ۾ يادگار تصويرون پڻ ڏنيون ويون آهن، هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو نئون نياپو سنڌ پبليشنگ هائوس ڪراچي پاران جون 1997ع ۾ شايع ڪيو ويو، پڪي جلد سان 350 صفحن تي مشمل هن ڪتاب جي قيمت 200 رپيا آهي.[1]

حوالا[سنواريو]