اڀرندي آبهوا

اڀرندي آبهوا يا ٽراپيڪل آبهوا (Tropical Climate) ڪوپن آبهوا جي درجه بندي جي پنجن وڏي موسمياتي گروپن مان پهريون آهي ۽ ان کي اکر "A" سان ظاهر ڪيو ويندو آهي. اڀرندي آبهوا جي وضاحت گرم گرمي پد ۽ سڄو سال وڌيڪ نمي جي خاصيت سان گڏ سياري ۾ °18 سينٽي گريڊ (°64 فارنهائيٽ) يا وڌيڪ آهي. اڀرندي آبهوا ۾ سالياني ورسات اڪثر ڪري گهڻي هوندي آهي ۽ هڪ موسمي تال ڏيکاري ٿي، پر مختلف درجن تائين موسمي خشڪي ٿي سگهي ٿي. اڀرندي آبهوا ۾ عام طور تي صرف ٻه موسم؛ هڪ نمي وارو (ورسات/مون سون) موسم ۽ هڪ خشڪ موسم هوندا آهن. اڀرندي آبهوا ۾ عام طور تي سالياني گرمي پد جو فرق تمام گهٽ هوندو آهي ۽ سج جي روشني تيز هوندي آهي.
اڀرندي آبهوا واري گروپ ۾ ٽي بنيادي قسم جون اڀرندي آبهوا هونديون آهن: ٽراپيڪل برساتي ٻيلن واري آبهوا (Af)، ٽراپيڪل مون سون واري آبهوا (Am) ۽ ٽراپيڪل سوانا يا ٽراپيڪل نمي واري ۽ خشڪ آبهوا (خشڪ سياري لاءِ Aw ۽ خشڪ اونهاري لاءِ As)، جيڪيون انهن علائقن ۾ خشڪ ترين مهيني جي ورسات جي سطحن جي لحاظ کان درجه بندي ۽ فرق ڪيو ويو آهن.[1]
ڪوپن آبهوا جي درجه بندي
[سنواريو]اڀرندي آبهوا جو حياتي جو دائرو
[سنواريو]
اڀرندي آبهوا ۾ عام طور تي صرف ٻه موسم؛ هڪ چوماسو ۽ ٻيو خشڪ موسم هوندو آهي. علائقي جي مقام تي منحصر آهي، برساتي ۽ خشڪ موسمن جو عرصو مختلف ٿي سگهي ٿو. ٽراپيڪل ۾ سالياني گرمي پد ۾ تبديليون ننڍيون هونديون آهن. وڌيڪ گرمي پد ۽ گهڻي برسات جي ڪري، ٻوٽن جي حياتي جو گهڻو حصو سڄي سال ۾ وڌندو آهي. اعليٰ گرمي پد ۽ نمي، ايپيفائٽس جي وڌڻ لاءِ، سڀ کان وڌيڪ مناسب ماحول آهن.[2] ڪيترن ئي اڀرندي آبهوا ۾، ٻوٽا پرتن ۾ وڌندا آهن: ڊگهن وڻن هيٺان ٻوٽا، ٻوٽن هيٺان جهاڙيون ۽ جهاڙين هيٺان گاهه. ٽراپيڪل ٻوٽا، ڪافي، ڪوڪو ۽ آئل پام سميت وسيلن سان مالا مال آهن.[3][4] هيٺ ڏنل، ٽنهي موسمن مان هر هڪ لاءِ منفرد ٻوٽن جا قسم درج ڪيا ويا آهن. جيڪا اڀرندي آبهوا واري حياتي جا دائرا ٺاهيندا آهن.
قدرتي ٻوٽا
[سنواريو]- ٽراپيڪل برساتي ٻيلا جنهن ۾ بنگال بانس، بوگن ويليا، ڪيور، ناريل، دريان ۽ ڪيلي جا وڻ شامل آهن.
ورساتي ٻيلن واري اڀرندي آبهوا
[سنواريو]مون سون واري اڀرندي آبهوا
[سنواريو]سوانا (نمي واري ۽ خشڪ) اڀرندي آبهوا
[سنواريو]پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "tropics", National Geographic Society (انگريزي ٻولي ۾), 21 جنوري 2011, حاصل ڪيل 26 اپريل 2022۔
- ↑ "epiphyte | Definition, Adaptations, Examples, & Facts", Britannica (انگريزي ٻولي ۾), حاصل ڪيل 26 اپريل 2022۔
- ↑ "epiphyte | Definition, Adaptations, Examples, & Facts", Britannica (انگريزي ٻولي ۾), حاصل ڪيل 26 اپريل 2022۔
- ↑ "epiphyte | Definition, Adaptations, Examples, & Facts", Britannica (انگريزي ٻولي ۾), حاصل ڪيل 26 اپريل 2022۔