کٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(اٺ سلو کان چوريل)
ھن مضمون کي وڪي طرز تي آڻڻ جي ضرورت آھي. (اپريل 2023ع)

کٽ يا کٽولي کي اٺ سَلو چون ٿا، ڇوجو کٽ جي پاون ۾ جيستائين اٺ سَل نہ ٺھندا، تيستائين کٽ نہ ٺھندي. هر هڪ پائي (پاڳي) ۾ ٻہ سل ٺھندا، جن مان هڪڙي سل ۾ ايس پوندي ۽ ٻئي سل ۾ اوپرو. ائين کٽ جو مانڊاڻ جڙندو. عام طرح ماڻھو ’کٽ‘ يا ’کٽولي‘ کي انھن نالن سان نہ سڏيندا آهن، ڇوتہ کٽ تي لاش کڄندو آهي، ماڻھو تنھن ڪري کٽ يا کٽولو چوڻ سان بدسوڻي سمجهندا آهن. ٻاراڻي پرولي تہ ’اٺ ڪاٺيون نائين نوڙي، جيڪو نہ ڀڃي تنھن جي ناني ٺوڙهي‘. ان ڏانھن اشارو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]