اُڀر چنڊ، پس پرين
ڏيک
سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز جي شاعريءَ جو هيءُ مجموعو، نيوفيلڊس پبليڪيشن 1990ع ۾ ڇپايو آهي. پڪي جلد ۽ اڇي پني تي ڇپيل هن 251 صفحن واري ڪتاب جي قيمت 80 روپيا آهي. هن ڪتاب جو انتساب، شيخ -اياز-، ايڪيهين صديءَ جي نالي ڪيو آهي ۽ سمورو ڪتاب بيتن ۽ واين تي مشتمل آهي. مهاڳ ۾ شيخ -اياز- ڄاڻايو آهي ته هيءُ ڪتاب هُن ٻن مهينن ۾ لکيو آهي ۽ موت کي مات ڏني آهي.[1]