اُپڀاشائن جا نالا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌ جي الهندي ڏي ڪوهستان يعني جابلو ملڪ آهي، جو سنڌ کي بلوچستان کان ڌار ڪري بيٺو آهي، ۽ اڀرندي ڏي ريگستان يعني وارياسو ملڪ. يا ٿر آهي، انهن ٻن علحدين طبعي صورتن وارين حدن جي وچ وارو پاسو ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، جي سِرو، وچولو ۽ لاڙ سڏجن ٿا. انهن هنڌن جون ٻوليون انهن نالن پٺيان سريلي، وچولي ۽ لاڙي ڪوٺجن ٿيون. ٿر جي ٻوليءَ کي ’ٿريلي‘ سڏيندا آهن. اهڙيءَ طرح سنڌيءَ جون چار اُپڀاشائون آهن، پر لسٻيلي واري ’لاسي‘ ۽ ڪڇ واري ’ڪڇڪي‘ به سنڌي ٻوليءَ ۾ ئي ڳڻڻ گهرجن، جنهنڪري چئبو ته سنڌيءَ جون ڪُل ڇهه اُپڀاشائون (Upbhashaaoon) آهن. [1]

حوالا[سنواريو]