مواد ڏانھن هلو

اي ٽرپ ٽو آمريڪا (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(اي ٽرپ ٽ آمريڪا کان چوريل)

محمد انور بلوچ، ٻيلي کاتي ۾ آفيسر آهي. هو ان سلسلي ۾ ٽريننگ لاءِ سرڪاري خرچ تي آمريڪا ويو هو ۽ واپسيءَ تي ”اي ٽرپ ٽُو آمريڪا“ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ سفرنامو لکيو هئائين. سفرنامي ۾ هن -آمريڪا- جي سير سفر کان سواءِ اها جديد زرعي ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا هن -آمريڪا- ۾ ڏٺي ۽ سمجهي هئي. هيءُ ڪتاب آبادگارن لاءِ پڻ ڏاڍو ڪارائتو آهي. جنهن جو پهريون ڇاپو، مارچ 1996ع ۾ ”سچائي ڪتاب گهر“ دڙي مان ڇپيو. جيڪو يوسف سنڌيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جو ملهه هڪ سئو رپيا آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. اي ٽرپ ٽ آمريڪا : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2025-07-10 تي محفوظ ڪيل, 2016-06-18 تي حاصل ڪيل