مواد ڏانھن هلو

اي جرني ٽو ٿائيلينڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اي جرني ٽوٿائلينڊ سفرنامي ”اي جرني ٽوٿائلينڊ “ الطاف شيخ جو سٺو سفرنامو آهي، هن ۾ 255 صفحا آهن، سفرنامي جو پيش لفظ لکندي ارشاد عباسي چوي ٿو: ”الطاف شيخ جا سڀئي سفرناما ان ڪسوٽي تي پرکي سگهجن ٿا، سندس رجحان هميشه داخلي Introvert ۽ Subjective رهيو آهي، هن هر ان ڳالهه تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن ۾ جدت هجي، ڪاٿي ڪاٿي انهن سماجي ۽ ثقافتي اثرن جو به ذڪر ڪيو اٿس، جيڪي سنڌ جي ثقافت سان ڀيٽي سگهجن ٿا.“

الطاف شيخ ٿائلينڊ جي باري ۾ ڄاڻ ڏيندي لکي ٿو ته ” ٿائلينڊ جو ملڪ ڪجهه ڪجهه هاٿي جي منهن جهڙو آهي، جنهن جي سونڍ هيٺ ڏکڻ ڏي هلي وڃي ٿي، جتان پوءِ ملائيشيا شروع ٿئي ٿو، ٿائلينڊ ڪڏهن به برطانيا يا ڪنهن ٻئي يورپي ملڪ جي ڪالوني ٿي نه رهيو.

بئنڪاڪ 1782ع کان وٺي ٿائلينڊ(سيام) جي گادي جو هنڌ آهي، بئنڪاڪ جي آدمشماري اٽڪل 40 لک آهي، ملڪ جو پراڻو نالو سيام ۽ ٿائلينڊ نالو 1939ع ڌاري تجويز ڪيو ويو، ٿائلينڊ جي معنيٰ آهي ”آزاد ماڻهن جو آستانو “ ٿائلينڊ تي جڏهن چڪري گهراڻي جو راڄ شروع ٿيو ته جنرل چڪريءَ پاڻ کي رامان پهريون سڏايو، اڄ جو حاڪم راما نائون آهي، جيئن هر آمريڪن ۽ سنگاپوري کي ٻه سال ملٽري ۾ رهڻو آهي تيئن هر ٿائي ٻڌ کي زندگي جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال ٽڪڻ ڪوڙائي، ڪفني کڻي، ڪشتوکڻي، ٻائي جي زندگي گذارڻي آهي، پوءِ ڪي ننڍي هوندي ئي ٻاوا ٿين ته ڪي وڏي عمر ۾.ٿائلينڊ جو راما چوٿون، هاڻوڪي بادشاهه جو پڙ ڏاڏو ۽ راجا چولا لانگڪارن جو پيءُ جنهن جو اصلي نالو منگڪوت هو، پڪا سارا ستاويهه سال گيڙو ڪپڙا پائي هٿ ۾ ڪشتو کڻي مختلف مندرن ۾ بکشو ٿي رهيو، ٻڌ خانڪاهه جي وڏي ليڊر بکشوءَ کي پر-مهاPer-Maha چئجي ٿو.

ٿائلينڊ ۾ ملئي نسل جي رهاڪن کان علاوه چيني، ڪمپوڊين، برمي، ويٽنامي، لائونسي ۽ ڪجهه انڊين به آهن، جتي لائوس، برما ۽ ٿائلنڊ ملي ٿو، هڪ جابلو علائقو آهي، جيڪو چن ۽ ڏوڏيءَ جي پوک ۽ واپار کان دنيا ۾ بدنام آهي، ٿائلينڊ جو سرڪاري مذهب ٻڌ آهي، ۽ سڪو ڀات آهي.ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن، هانگ ڪانگ، برما کان ٿائلينڊ، ملائيشيا، انڊونيشيا، سريلنڪا ۾ ڪيترائي پاڪستاني پنجابي پٺاڻ رهن ٿا، جيڪي هينئر کان نه ورهاڱي کان به گهڻو اڳ انگريز فوج سان آيا، پهرين ٻي وڏي لڙائي بعد هت ئي ترسي پيا.

ٿائلينڊ جي ڳوٺن جا ڪيترائي غريب ۽ قرضي ٿيل ٻي ڪا واهه نه ڏسي پنهنجون ڌيئرون يا واپرين کي وڪڻي ڏين ٿا، اهي ڪجهه فائدي تي ٽين ڌر کي وڪڻي ڏين ٿا ۽ آخر اهي بئنڪاڪ ۽ چڻانگ مائي، پتايا ۽ هاتيائي جهڙن شهرن جي ڪلين، حُتلن مساج پالرن ۾ اچيو پهچن ۽ هر وقت بدلجندڙ يا ساڳي مالڪ جو هر حڪم کين مڃڻو پوي ٿو، بئنڪاڪ ۾ ٻه هزار مساج گهر ۽ چڪلا آهن، جن ۾ سرڪاري انگن اکرن مطابق اڍائي لک ڇوڪريون ڪم ڪنديون آهن.

شهر ڪانجانابوري ۾ ريلوي جي اها بدنام پل آهي، جيڪا جاپانين ٻي جنگ عظيم ۾ انگريزن ۽ يورپي جنگي قيدين کان ٺهرائي، انهن کان علاوه ڀروارن ملڪن جي مڪاني ماڻهن کي پڻ ان ڪم ۾ لڳايو ويو، هيءَ ريلوي پل انسان جي انسان تي ظلم جي علامت سمجهي وڃي ٿي، هن ريلوي جو ڪم جون 1942ع ۾ شروع ٿيو ۽ آڪٽوبر 1943ع ۾ ڪوائي پل سميت مڪمل ٿيو، جنگ جي يورپي قيدين کان علاوه اٽڪل 3 لک ايشيائي ماڻهن پڻ ان موت جي ريلوي تي ڪم ڪيو ۽ ان سال سوا ۾ ان ڪم پٺيان 61 هزار ته فقط جنگي قيدي مري ويا، ان کان به گهڻا اٽڪل ڏيڍ لک انڊونيشي ۽ ملئي مري ويا.

ٿائلينڊ ۾ سانن ۽ مينهن جون ستُر کن بينڪون آهن.الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ نه صرف تفريح سمايل آهي پر ان سان گڏوگڏ ان ملڪ جي تاريخي، سماجي، سياسي، ادبي ۽ مذهبي ڄاڻ پڻ ملندي آهي، سفرنامن جي ذريعي جيڪو سگهارومواد ۽ دنيا جي ڄاڻ الطاف شيخ ڏني آهي، اوتري اڄ تائين ڪنهن به ليکڪ نه ڏني آهي اهوئي سبب آهي هو سندس نانءُ سفرنامن جي حوالي سان اهم جاءِ ولاري ٿو.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. الطاف شيخ جي سفرنامن جو جائزو؛ مھر خادم؛مھراڻ رسالو؛1992؛جلد،45؛سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو