مواد ڏانھن هلو

اي آر بلوچ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اي.آر. بلوچ (A.R.Baloch) سنڌ جو ناميارو اداڪار ۽ صداڪار هو. اي.آر.بلوچ جو پورو نالو عبدالرسول پٽ اميد علي شاهاڻي بلوچ هو. هن حيدرآباد ۾ واقع پڪي قلعي ۾ 15 مارچ 1923ع تي جنم ورتو.[1]

اي آر بلوچ ريڊيو ٽي وي ڊرامن جو ڄاتل اداڪار ۽ صداڪار هو. هن سنڌي ڊرامن ۾ پنهنجي منفرد آواز وسيلي الڳ سڃاڻپ جوڙي. هن کي فن جي دنيا ۾ اداڪار فريد نواز بلوچ آندو هو. اي آر بلوچ رائل ايئر فورس ۾ نوڪري به ڪئي. کيس ريڊيو پاڪستان، حيدرآباد تي انور بلوچ ۽ پاڪستان ٽيليويزن نيٽ ورڪ، ڪراچي تي عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو. اي.آر. بلوچ جو ٽي وي تي”خوابن جو سج“ پهريون ڊرامو هو. سنڌي فلمن "ليلي مجنون"، "بادل ۽ برسات" ۽ "رت ۽ اجرڪ" ۾ ڪم ڪيو. ڊرامن ۾ "ديوارين"، "جهنگل"، "هٿين لگل ميندي"، "دنگي منجھ درياھ" ۽ "ڪونج" اهم آهن. اي.آر. بلوچ ڊرامي "بخت خان" ۾ بهترين اداڪاري سبب شهرت ماڻي. هن جو آخري ڊرامو "ٽيپو سلطان" هو.[1]

لاڏاڻو

[سنواريو]

اي آر بلوچ کي فالج ٿيو ۽ ڪافي وقت اگھائيءَ ۾ گذاريائين. هيءُ 82 سالن جي ڄمار ۾ پهرين جولاءِ 2005ع تي الشفا اسپتال ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.[1][2][3]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 "اي آر بلوچ", SindhSalamat, حاصل ڪيل 21 جنوري 2020۔
  2. "BBC Urdu", www.bbc.com, حاصل ڪيل 21 جنوري 2020۔
  3. "New Page 1", www.thekawish.com, حاصل ڪيل 21 جنوري 2020۔