هائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ايچ ٽي ايم ايل کان چوريل)

هائيپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويج (انگريزي: Hypertext Markup Language، مخفف: HTML، اچار: ايڇ ٽي ايم ايل) هڪ اهڙي معياري ٻولي آهي، جيڪاويب سائيٽس ٺاهڻ جي لاءِ ڪم ايندي آهي ان سان گڏ جاوا اسڪرپٽ ۽ ڪيسڪيڊ اسٽائيل شيٽ سبب ويب سائيٽس کي وڌيڪ خوبصورتي ملندي آهي.

انٽرنيٽ تي جيڪي به ويب صفحا نظر ايندا آهن اهي ايڇ ٽي ايم ايل ۾ ٺهيل هوندا آهن. ايڇ ٽي ايم ايل (HTML ) يعني Hyper Text Markup Language ڊاڪومينٽ کي ويب پيج پڻ سڏيو ويندو آهي.

ويب برائوزر عام طور تي ايڇ ٽي ايم ايل جا ڪوڊ حاصل ڪري ٿو ۽ انهن کي هڪ سهڻي نموني پيش ڪري ٿو.

ايڇ ٽي ايم ايل جا ڪوڊ ٽيگ جي ذريعي ڪم ڪن ٿا. جنهن ۾ ٻه ٽيگ هونديون آهن، پهرين شروعاتي ٽيگ ۽ ٻي آخري ٽيگ.

شروعاتي <tag> هن ٽيگ کي Opening tag چئبو آهي. آخري <tag/> هن کي Closing tag چئبو آهي.

ايڇ تي ايم ايل کي نوٽ پيڊ، نوٽ پيڊ پلس پلس يا ڊريم ويوور ۾ لکي سگھجي ٿو. ويب پيج ڏسڻ لاءِ ڪوبه ويب برائوزر جهڙوڪ انٽرنيٽ ايڪپلورر، گوگل ڪروم يا موزيلا فائرفاڪس ڪافي آهن. هونءَ به جڏهن اسان ايڇ ٽي ايم ايل ۾ ڪوڊنگ لکندا آهيون ته دراصل اسان ويب برائوزر کي هدايتون ئي ته ڏيندا آهيون ته اسان جو ويب صفحي کي اهو ڪيئن ظاهر ڪري.

1992ع ۾ Tim Berners Lee ويب پيج متعارف ڪرايو ۽ 1995ع ۾ مائڪرو سافٽ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ پهريون ڀيرو قدم رکندي انٽرنيٽ ايسڪپلورر  متعارف ڪريو جنهن کان پوءِ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ وڏين وڏين ڪمپينين منجهه مقابلو شروع ٿيو. آپريٽنگ سسٽم مھيا ڪندڙ ڪمپنين جهڙوڪ مائڪرو سافٽ، ايپل، لينڪس وارن انٽرنيٽ پروٽوڪول جو سافٽويئر مفت ۾ محيا ڪيو.  انٽرنيٽ پروٽوڪول جو پروگرام 1970ع ۾ Defense Advanced Research Projects Agency) DARPA) ايجاد ڪيو ۽ World Wide Web  ان تي ئي بيهڪ رکي ٿي

ايڇ ٽي ايم ايل جا ٻيا ڪيترائي نسخا پڻ آهن جن ۾ DHTML, XML, SHTML مشهور آهن.

هن وقت دنيا ۾ 1.8 ارب ويب سائيٽس موجود آهن، جن جو بنيا ايڇ ٽي ايم ايل آهي.