ايٿ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هڪ تارو، جيڪو بڊي مهيني جي پهرين ڏهن ڏينهن ۾ اڀري ٿو (-آگسٽ- جي 17 کان 27 -تاريخ-). ڪن جي چوڻ موجب بڊي جي پوين تاريخن يا اڃا به اَسُوءَ جي پهرين تاريخن ڌاري اُڀري ٿو. پهريائين اَسُر وقت اُڀري ۽ جيئن پوءِ تيئن اڳ ۾ اُڀري، -تان- جو آڌيءَ ڌاري اُڀرندو آهي. ڏکڻ -اوڀر- ڪنڊ کان اُڀرندو ۽ ڏاکڻي اُفق تي ئي رهندو. عام خيال موجب ايٿ اُڀري درياهه جي پاڻيءَ ۾ ڇينهرو آڻيندو. مال جو کير سُڪائيندو، ٻِرن کان ٻاهر جيڪي جيت هوندا، -تن- کي ماريندو، -ان- وقت چمڙو رڱبو ته خوشبوءِ ڪندو.[1]

حوالا[سنواريو]