آمريڪي علامتي ٻولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ايَ ايس ايل کان چوريل)

اَي ايس ايل يا آمريڪي علامتي ٻولي (American Sign Language) مشھور اشارن جي زبان آهي. ھن کي مختصر طور تي اَي ايس ايل سڏيو وڃي ٿو. گونگا ۽ ٻوڙا انسان، جيڪي ٻُڌي ۽ ڳالھائي نٿا سگهن، اهي هن اشارن جي ٻوليءَ کي هڪٻئي سان رابطي (ڪميونيڪيشن) جي لاءِ استعمال ڪن ٿا. اَي ايس ايل يا آمريڪن سائن لينگويج، نارٿ آمريڪا (آمريڪا، ڪئناڊا ۽ ميڪسيڪو) ۾ ڊيف ڪميونٽيءَ لاءِ رابطي جو اهم ذريعو آهي. هر ملڪ ۾ ثقافتي سببن جي ڪري مختلف اشارن جو زبانون (سائن لينگويجز) ٺھيل آهن، جنھن ڪري مختلف ملڪن ۾ مختلف لفظن جا هڪ ٻئي کان جدا اشارا هجڻ سبب، هڪ ملڪَ جي گونگي ٻوڙي انسان کي ٻئي ملڪ جي گونگي ٻوڙي انسان جي اشارن جي ٻولي سمجهڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي هئي. پر هاڻي انٽرنيٽ اچڻ کانپوءِ فيس بُڪ، اسڪائيپ ، واٽس ايپ ۽ سائبر اسپيس تي ٻيون تمام گهڻيون سھولتون حاصل ٿيڻ کانپوءِ اَي ايس ايل تائين سڄي دنيا جي ڊيف ڪميونٽي جي پھچ ڊيف ڪميونٽي (Deaf Community) جي عالمي اشارن جي زبان طور اُڀري رهي آهي. اَي ايس ايل سکڻ ۾ ڏاڍي سولي آهي ۽ ڊيف ڪميونٽيءَ جي ڏاڍي مقبول زبان آهي.[1]

حوالا[سنواريو]