ايووگاڊرو جو قانون
ايووگاڊرو جو قانون (Avogadro's law)، ايووگاڊرو جي اصول جي طور تي به حوالو ڏنو ويندو آهي، هڪ تجرباتي گيس قانون آهي جيڪو گئس جي حجم کي گئس جي مقدار جيڪا هن حجم ۾ موجود آهي، سان لاڳاپيل آهي. [1] قانون مثالي گئس قانون جو هڪ مخصوص ڪيس آهي. جديد بيان هن طرح آهي:
" گيسن جي ساڳي حجم ۾، ساڳئي گرميء پد ۽ دٻاءُ تي، ماليڪيولن جو انگ ساڳيو هوندو آهي." [1]
هڪ مثالي گئس جي ڏنل مايو (mass) لاءِ، گئس جو حجم ۽ مقدار (مول) سڌي طرح متناسب هوندا آهن جئين ته گرمي پد ۽ دٻاءُ مستقل رکيو وڃي.
هن قانون جو نالو اميڊيو ايووگاڊرو جي نالي تي رکيو ويو آهي، جنهن 1812ع ۾، [2] [3] اهو مفروضو پيش ڪيو ته هڪ مثالي گئس جا ساڳي حجم جا ٻه ڏنل نمونا، ساڳئي گرميء پد ۽ دٻاءُ تي، ساڳئي تعداد ۾ ماليڪيولن تي مشتمل هوندا آهن. مثال طور، گيس واري حالت ۾ هائيڊروجن ۽ نائٽروجن جي برابر حجم ۾ ساڳيا ماليڪيول هوندا آهن جڏهن اهي ساڳئي گرميء پد ۽ دٻاءُ تي رکيا ويا هوندا ۽ مثالي گئس جي رويي جي پيروي ظاهر ڪندا آهن. عملي طور تي، حقيقي گيسون مثالي رويي کان ٿوڙو انحراف ڏيکارين ٿيون ۽ قانون صرف قريبي اندازي جي مطابق برقرار رهيي ٿو، پر اها به سائنسدانن لاءِ هڪ مفيد اندازو آهي.
حوالا
[سنواريو]- 1 2 "Avogadro's law", Encyclopædia Britannica۔
- ↑ Avogadro, Amedeo (1810). "Essai d'une manière de déterminer les masses relatives des molécules élémentaires des corps, et les proportions selon lesquelles elles entrent dans ces combinaisons". Journal de Physique 73: 58–76. https://books.google.com/books?id=MxgTAAAAQAAJ&pg=PA58. English translation
- ↑ "Avogadro's law", Merriam-Webster Medical Dictionary, حاصل ڪيل 3 February 2016۔